16 سو جيستائين يوسف جو مالڪ گھر ۾ نہ آيو تيستائين يوسف وارو چولو پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين.
16 پوءِ جيسين هن جو مالڪ گهر ۾ آيو، تيسين سندس ڪپڙو پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين.
جڏهن هن مون کي رڙيون ڪندي ڏٺو تڏهن پنهنجو چولو مون وٽ ڇڏي پاڻ ڀڄي ٻاهر نڪري ويو آهي.“
پوءِ هن کي ساڳي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين تہ ”جيڪو عبراني غلام تو اسان لاءِ خريد ڪري آندو آهي، سو منهنجي عزت لاهڻ لاءِ مون وٽ اندر گھڙي آيو هو.
بدڪار ماڻهو سچارن جي خلاف ويٺا سازشون رٿين، ۽ مٿن پنهنجا ڏند پيا ڪرٽين.
بڇڙا ماڻهو سچارن جي تاڙ ۾ رهن ٿا. هو کين قتل ڪرڻ لاءِ وجھہ ڳوليندا وتن ٿا.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بيعقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بيسمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“
ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.