Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 38:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اونان ڄاتو ٿي تہ ”اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو،“ تنهنڪري هو جڏهن بہ پنهنجي ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو تڏهن مني هيٺ هاري ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ٿي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اُونان کي خبر هئي تہ اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو؛ سو هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو، تڏهن مني زمين تي هاري ڇڏيندو هو، تہ متان هن مان سندس ڀاءُ جي لاءِ اولاد پيدا ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 38:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ سٺو ڪونہ هو سو خداوند هن کي بہ ماري ڇڏيو.


خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.


ڪاوڙ ۽ غصي وارو ماڻهو خطرناڪ ٿو ٿئي، مگر جيڪو غيرت سان ڀريل آهي، تنهن آڏو ڪير ٿو بيهي سگھي؟


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن ۽ انهن مان هڪڙو ري‌پٽيتو مري وڃي، تہ فوتيءَ جي زال ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان وڃي نہ پرڻجي، بلڪ سندس مڙس جو ڀاءُ وٽس وڃي ۽ کيس پنهنجي زال ڪري. ائين هو پنهنجي ڏير هئڻ جو فرض ادا ڪري.


پوءِ ان مان جيڪو پهريون پٽ ڄمندو سو سندس فوتيءَ ڀاءُ جو سمجھيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل منجھان انهيءَ جو نالو ميٽجي نہ وڃي.


ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


پر جيڪڏهن اوهين پنهنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ خودغرضي رکو ٿا، تہ ڏاهو هجڻ جون ٻٽاڪون نہ هڻو، نڪي حق سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جتي حسد ۽ خودغرضي هوندي آهي، اتي جھيڙو جھڳڙو ۽ هر طرح جو برو ڪم بہ هوندو آهي.


ڇا اوهين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آهي تہ جيڪو روح خدا اسان ۾ رهڻ لاءِ وڌو آهي، تنهن لاءِ هو سخت غيرتمند آهي؟


پر نعوميہ کين چيو تہ ”اي ڌيئرون، موٽي وڃو. مون سان گڏ هلڻ ڇو ٿيون گھرو؟ ڇا اوهين سمجھو ٿيون تہ آءٌ ڪي ٻيا پٽ ڄڻينديس، جيڪي اوهان سان پرڻبا؟


انهيءَ کان علاوہ محلون جي بيوہ رُوت موآبڻ کي بہ آءٌ پنهنجي زال ڪري وٺان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي، تان‌تہ سندس نالو سندس مائٽن مان ۽ سندس گھر جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي. اوهين اڄ انهيءَ جا شاهد آهيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ