Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 38:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هن کي وري بہ هڪڙو پٽ ڄائو جنهن جو نالو شيلاہ رکيائين. جڏهن اهو پٽ ڄايس تڏهن هوءَ ڪزيب ۾ رهندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ هن کي وري بہ هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيلہ رکيائين. جڏهن هو ڄائو، تڏهن يهوداہ ڪزيب ۾ رهندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 38:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ پنهنجي نُنهن تمر کي چيو تہ ”جيستائين منهنجو پٽ شيلاہ وڏو ٿئي تيستائين پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رن‌زال ٿي گذار،“ ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان شيلاہ بہ پنهنجي ڀائرن وانگر مري وڃي. سو تمر پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وڃي رهڻ لڳي.


يهوداہ اهي شيون سڃاتيون ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ بلڪ هوءَ حق تي آهي، ڇوجو مون هن کي پنهنجي پٽ شيلاہ سان نہ پرڻايو.“ انهيءَ کان پوءِ يهوداہ ساڻس وري نہ ستو.


يهوداہ پنهنجي وڏي پٽ عير کي زال پرڻائي جنهن جو نالو تمر هو.


سندس چوٿون پٽ يهوداہ هو جنهن جا پٽ هي هئا: شيلاہ، فارص ۽ زارح. پر يهوداہ جا ٻہ ٻيا پٽ عير ۽ اونان اڳ ۾ ئي ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا. فارص جا پٽ حصرون ۽ حمول هئا.


يهوداہ جا جملي پنج پٽ هئا. انهن مان عير، اونان ۽ شيلاہ کيس بتسوع نالي هڪ ڪنعاني عورت مان ڄاوا هئا. عير يهوداہ جو پهريتو پٽ هو جيڪو خداوند جي نظر ۾ بدڪار هو، جنهن کي خداوند ماري ڇڏيو هو.


شلاہ ولد يهوداہ جو اولاد هي هو: عير، لعدہ، يوقيم، يوآش، شراف ۽ ڪوزيبا ڳوٺ جا رهاڪو. عير لڪہ ڳوٺ جو باني هو. لعدہ مريسہ ڳوٺ جو باني ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو اڻندڙن جي گھراڻن جو وڏو هو، جيڪي بيت‌اشبيع جا رهاڪو هئا. يوآش ۽ شراف موآب جا حڪمران بڻيا ۽ پوءِ بيت‌لحم ۾ آباد ٿي ويا. هي لکتون پراڻي زماني جون آهن.


يهوداہ جي قبيلي مان شيلاہ جو نسل، فارص جو نسل، زارح جو نسل ۽ فارص جي پٽن مان حصرون جو نسل ۽ حمول جو نسل هو. جڏهن تہ يهوداہ جي پٽن مان ٻہ ڄڻا عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ