Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 38:26 - Muslim Sindhi Bible

26 يهوداہ اهي شيون سڃاتيون ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ بلڪ هوءَ حق تي آهي، ڇوجو مون هن کي پنهنجي پٽ شيلاہ سان نہ پرڻايو.“ انهيءَ کان پوءِ يهوداہ ساڻس وري نہ ستو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ يهوداہ اهي شيون سڃاڻي چيو تہ هوءَ مون کان وڌيڪ راستباز آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي پٽ سيلہ سان هن جي شادي نہ ڪرائي. ۽ انهي کان پوءِ هو وري وٽس نہ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 38:26
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب اهو ڪڙتو سڃاتو ۽ چيائين تہ ”هي تہ منهنجي پٽ جو ڪڙتو آهي. ڪو جھنگلي جانور کائي ويو اٿس. يوسف پڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي.“


تمر سوچيو پئي تہ ”جيتوڻيڪ منهنجو ڏير شيلاہ وڏو ٿي ويو آهي، تنهن هوندي بہ منهنجي شادي هن سان نہ ڪرائي ويئي آهي.“ سو هن پنهنجا رنن‌زالن وارا ڪپڙا لاٿا ۽ چادر سان پاڻ کي ويڙهي سيڙهي عينيم ڳوٺ جي دروازي وٽ اچي ويٺي جيڪو تِمناہ شهر جي رستي تي هو.


پوءِ آدم پنهنجيءَ زال حوا وٽ ويو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي. حوا کي پٽ ڄائو جنهن ڪري چوڻ لڳي تہ ”خداوند طرفان مون کي هڪ پٽ مليو آهي.“ سو حوا انهيءَ جو نالو قابيل رکيو.


سو ابي‌سلوم جي لاءِ محل جي ڇت تي خيمو لڳايو ويو ۽ سڄي بني اسرائيل ڏٺو تہ هو کُليو کُلايو اندر وڃي پنهنجي پيءُ جي سريتن سان هم‌بستر ٿي ٿيو.


دائود جڏهن يروشلم ۾ پنهنجي محلات ۾ آيو، تڏهن هن پنهنجي انهن ڏهن سريتن، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هڪڙي گھر ۾ کڻي بند ڪيو. هن انهن جي کاڌي خوراڪ جو انتظام ڪري ڇڏيو، پر ساڻن هم‌بستر نہ ٿيو. اهڙيءَ طرح اهي مرڻ گھڙيءَ تائين بند رهيون ۽ رنن‌زالن جهڙي زندگي گذارينديون رهيون.


ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“


پر هاڻ جڏهن تو تي مصيبت اچي پيئي آهي، تڏهن تون همت هاري ويٺو آهين! مصيبت اچي تو کي ڇهيو آهي، تہ تون گھٻرائجي ويو آهين!


هاڻي آءٌ ڪابہ ورندي ڪين ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي جيترو ڳالهائڻ کپندو هو، تنهن کان بہ وڌيڪ آءٌ اڳ ۾ ڳالهائي چڪو آهيان.“


تنهنجي ڀينرن جي گناهن کان تنهنجا گناهہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا آهن. سو اهي تو کان گھٽ قصوروار آهن. تنهنڪري تون پنهنجي سزا جي پاڻ ذميوار آهين. سو تون ذليل ۽ خوار خراب ٿيندينءَ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي بڇڙن ڪمن جي نسبت تنهنجي ڀينرن ڄڻ تہ ڪجھہ ڪيو ئي ڪونہ هو.“


پر تنهنجيون اکيون اهڙيون تہ پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نہ ٿيون چاهين. تون تہ ظلم کي برداشت نہ ٿو ڪري سگھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو دغابازن کي برداشت ڪرين؟ جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين، تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟


اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي.


جڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ وڃي رهيو ۽ اها عورت بيٺي رهي.


رات گھڻي گذري چڪي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري اچو تہ اونداهيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا هٿيار ٻڌون.


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي شريعت جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي دنيا سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات خدا آڏو گنهگار قرار ڏني وڃي.


ان کان پوءِ هو دائود کي چوڻ لڳو تہ ”تون مون کان وڌيڪ سچار آهين، ڇاڪاڻ تہ تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، توڙي جو مون تو سان برائي ڪئي هئي.


تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ تو مون سان ڪيڏي نہ چڱائي ڪئي آهي، ڇو تہ جڏهن خداوند مون کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن بہ تو مون کي ڪين ماريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ