Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 38:24 - Muslim Sindhi Bible

24 اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ يهوداہ کي ٻڌايو تہ ”تنهنجي نُنهن تمر ڪسبياڻيءَ وارو ڪم ڪيو آهي ۽ پيٽ ٿي پيو اٿس.“ تڏهن يهوداہ چيو تہ ”ٻاهر وٺي اچوس تہ کيس ساڙيو وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ هيئن ٿيو جو اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪن ماڻهن يهوداہ کي خبر ڏني تہ سندس ننهن تمر، ڪسبياڻي وارو ڪم ڪيو آهي، بلڪ ڏس، هوءَ حرام مان حاملہ ٿي آهي. تڏهن يهوداہ چيو تہ هن کي وٺي اچو ۽ ساڙي ڇڏيوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 38:24
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر رات جو خدا کيس خواب ۾ ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيڪا عورت تو پاڻ وٽ گھرائي آهي، تنهن جي ڪري تون مرندين، ڇاڪاڻ تہ اها اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي.“


پر هاڻ اها زال سندس مڙس کي موٽائي ڏي. هو نبي آهي. هو تو لاءِ دعا گھرندو ۽ تون نہ مرندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏ تہ تون ۽ تنهنجا سڀ ماڻهو ضرور مرندا.“


پوءِ ابيملڪ ابراهيم کي سڏايو ۽ پڇيائينس تہ ”تو هي اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ مون تنهنجو ڪهڙو قصور ڪيو آهي جو تو مون تي ۽ منهنجي بادشاهت تي ايڏو وڏو ڏوهہ آندو آهي؟ تو جيڪي ڪجھہ مون سان ڪيو آهي، ائين جيڪر ڪوبہ نہ ڪري.“


تنهن تي هنن وراڻيو تہ ”ڇا ڀلا هن کي اسان جي ڀيڻ سان هڪ بازاري عورت جهڙي هلت ڪرڻ کپندي هئي؟“


تڏهن يهوداہ چيو تہ ”اهي شيون ڀلي هوءَ پاڻ وٽ رکي، نہ تہ اسين متان کلڻ‌هاب ٿي پئون. بهرحال مون تہ تو سان هن ڏانهن ڇيلو ڏياري موڪليو هو پر تون کيس لهي نہ سگھئين.“


تڏهن دائود کي انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سو هن ناتن کي چيو تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي، سو موت جي سزا جي لائق آهي.


تڏهن ناتن دائود کي چيو تہ ”اهو ماڻهو تون ئي آهين. خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون ئي تو کي مسح ڪري بني اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو ۽ تو کي سائول جي هٿان پڻ ڇڏايم.


تڏهن مون معلوم ڪيو تہ موت کان بہ وڌيڪ هڪڙي ڪؤڙي شيءِ آهي، يعني اها عورت جنهن جو پيار ڦندي ۽ ڄار مثل آهي ۽ جنهن جي هٿن ۾ هٿڪڙيون آهن. جنهن ماڻهوءَ سان خدا راضي هوندو سو انهيءَ کان بچي نڪرندو، جڏهن تہ گنهگار انهيءَ جو شڪار ٿي ويندو.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.


مون اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم کي سندس زناڪاريءَ جي ڪري طلاق نامو ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. اهو ڏسندي بہ سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم ڪانہ ڊني، اٽلندو اها بہ وڃي زناڪاري ڪرڻ لڳي.


پر تو پنهنجي خوبصورتيءَ جو ناجائز فائدو ورتو ۽ پنهنجي مشهوريءَ جي وسيلي زناڪاري ڪرڻ لڳينءَ. تون پاڻ وٽان لنگھندڙ هر واٽهڙوءَ سان ٿي سمهينءَ ۽ انهيءَ جي ٿي وئينءَ ٿي.


هائو، هر رستي جي چونڪ ۾ تو بتن جي پوڄا لاءِ جاءِ ٺهرائي ۽ پنهنجي خوبصورتيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيئِہ، جو جيڪو ٿي لنگھيو تنهن جي لاءِ تو ٽنگون ٿي ٽيڙيون ۽ زناڪاريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهينءَ.


تو پنهنجي مصري يارن سان بہ زناڪاري ڪئي جيڪي تو سان سمهڻ لاءِ هميشہ آتا رهندا هئا. اهڙيءَ طرح تو زناڪاري وڌائي مون کي غصو ڏياريو.


جيئن تہ زناڪاريءَ مان تنهنجو ڍءُ ئي نہ ٿي ٿيو سو تو اشورين سان بہ زناڪاري ڪئي. هائو، تو انهن سان بہ بدڪاري ڪئي پر تڏهن بہ تنهنجو ڍءُ نہ ٿيو.


هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ.


انهيءَ هوندي بہ هن مصر ملڪ ۾ جيڪي ڪڃريءَ وارا ڪسب ڪيا هئا تن جوانيءَ وارن ڏينهن کي ياد ڪندي پنهنجيون زناڪاريون وڌائيندي ويئي.


تنهن هوندي بہ انهن ماڻهن ٻنهي فاحشہ ڀينرن اهولہ ۽ اهوليبہ سان زناڪاري ڪئي، جيئن ماڻهو ڪنهن ڪڃريءَ سان ڪندا آهن.


اهولہ جيتوڻيڪ مون سان پرڻي، تڏهن بہ زناڪاري جاري رکندي آئي ۽ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي جنگي سپاهي هئا


سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بي‌حيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘


تنهن هوندي بہ مون کيس چيو تہ ”تون هاڻي گھڻي وقت تائين رڳو منهنجي انتظار ۾ رهہ ۽ آءٌ بہ تنهنجي ويجھو ڪونہ ايندس بلڪ تنهنجي انتظار ۾ رهندس. ان وقت تائين تون ڪنهن ٻئي سان وڃي نہ سمهج. هائو، تون ڪسب هرگز نہ ڪرائج.“


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يعني پنهنجي ڪنهن پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ انهيءَ زناڪار مرد ۽ عورت ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.


جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي بي‌حرمت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي ساڙي ڇڏڻ جي سزا ڏني وڃي.


اهڙين ڳالهين بابت اوهان جو جيڪو اعتقاد آهي سو اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ رهي، يعني اهو پنهنجيءَ دل ۾ ئي رکو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي انهيءَ ڪم جي ڪرڻ سان ڏوهاري قرار نہ ٿو ڏياري، جيڪو سندس نظر ۾ مناسب آهي.


اولاد جي بدلي والدين کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي والدين جي بدلي اولاد کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي.


هڪڙي ڏينهن هوءَ کانئس ناراض ٿي هن وٽان نڪري يهوداہ واري بيت‌لحم شهر ۾، پنهنجي پيءُ جي گھر هلي ويئي. اُتي هوءَ چار مهينا کن رهي پيئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ