19 پوءِ هوءَ اتان اُٿي گھر هلي ويئي ۽ چادر لاهي پنهنجا رننزالن وارا ڪپڙا پائي ڇڏيائين.
19 پوءِ هوءَ اتان اٿي هلي ويئي ۽ برقعو لاهي پنهنجا عذر جا ڪپڙا پاتائين.
تمر سوچيو پئي تہ ”جيتوڻيڪ منهنجو ڏير شيلاہ وڏو ٿي ويو آهي، تنهن هوندي بہ منهنجي شادي هن سان نہ ڪرائي ويئي آهي.“ سو هن پنهنجا رننزالن وارا ڪپڙا لاٿا ۽ چادر سان پاڻ کي ويڙهي سيڙهي عينيم ڳوٺ جي دروازي وٽ اچي ويٺي جيڪو تِمناہ شهر جي رستي تي هو.
يهوداہ چيس تہ ”ڪهڙي شيءِ گروي رکان؟“ انهيءَ وراڻيو تہ ”پنهنجي منڊي، ان جي ڏوري ۽ لٺ جيڪا هٿ ۾ اٿيئي.“ تنهن تي هن اهي شيون انهيءَ کي ڏنيون ۽ وڃي ساڻس ستو. تڏهن هوءَ منجھانئس پيٽ سان ٿي.
بعد ۾ يهوداہ انهيءَ عورت وٽان گروي رکيل شيون موٽائي اچڻ لاءِ پنهنجي عدُولامي دوست حيرہ سان ڇيلو ڏياري موڪليو. پر هو انهيءَ کي لهي نہ سگھيو.
تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.
بادشاهہ هن کان پڇيو تہ ”تو کي ڇا ٿيو آهي؟“ تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هاءِ! آءٌ هڪڙي رنزال آهيان، منهنجو مڙس مري ويو آهي.