يهوداہ جا جملي پنج پٽ هئا. انهن مان عير، اونان ۽ شيلاہ کيس بتسوع نالي هڪ ڪنعاني عورت مان ڄاوا هئا. عير يهوداہ جو پهريتو پٽ هو جيڪو خداوند جي نظر ۾ بدڪار هو، جنهن کي خداوند ماري ڇڏيو هو.
يهوداہ جي قبيلي مان شيلاہ جو نسل، فارص جو نسل، زارح جو نسل ۽ فارص جي پٽن مان حصرون جو نسل ۽ حمول جو نسل هو. جڏهن تہ يهوداہ جي پٽن مان ٻہ ڄڻا عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا.
جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو ڏوهہ ڪندو تہ خداوند انهن جي وچ ۾ پئي انصاف ڪري سگھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خود خداوند جو گناهہ ڪندو تہ ڪير انهيءَ جي وچ ۾ پوندو؟“ ان جي باوجود بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇو تہ خداوند هنن کي مارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.