Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 37:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هڪ دفعي يوسف هڪڙو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي وڃي ٻڌايائين. تڏهن اهي ويتر وڌيڪ کانئس نفرت ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پوءِ يوسف هڪڙو خواب لڌو، جو هن پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو، انهيءَ ڪري هو سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 37:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر رات جو خدا کيس خواب ۾ ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيڪا عورت تو پاڻ وٽ گھرائي آهي، تنهن جي ڪري تون مرندين، ڇاڪاڻ تہ اها اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي.“


اتي هن هڪڙو خواب ڏٺو تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي رکي آهي ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ ڏٺائين تہ خدا جا ملائڪ انهيءَ تان پيا لهن ۽ چڙهن.


ڌڻ جي لڳ وارن ڏينهن ۾ هڪ دفعي مون خواب ڏٺو، جنهن ۾ ڏٺم تہ جيڪي ٻڪر ڌڻ تي پيا ٿي سي پٽاپٽي، دٻڪن وارا ۽ چٽڪمرا هئا.


تڏهن اتي خدا جي هڪ ملائڪ مون سان خواب ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ ’اي يعقوب!‘ مون وراڻيو تہ ’جي سائين!‘


جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ ٻين سڀني ڀائرن کان وڌيڪ هن سان پيار ڪري ٿو، تڏهن اهي يوسف کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ کيس سلام بہ ڪين ڪندا هئا.


هن کين چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي سو ٻڌو.


تڏهن ڀائرن چيس تہ ”واقعي تون اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا واقعي اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟“ سو هو سندس خوابن ۽ هن جي ڳالهين جي ڪري کانئس اڃا بہ وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳا.


پوءِ انهن ٻنهي يعني مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ نانوائيءَ جيڪي قيد ۾ بند هئا، تن ساڳيءَ ئي رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو. سندن خوابن جو تعبير ڌار ڌار هو.


ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جي بادشاهہ فرعون هڪ خواب لڌو. هن ڏٺو تہ هو پاڻ نيل نديءَ جي ڪپ تي بيٺو آهي.


پوءِ يوسف کي اهي خواب ياد آيا جيڪي هنن جي بابت ڏٺا هئائين. تڏهن کين چيائين تہ ”اوهين جاسوس آهيو ۽ هن ملڪ جي تنگ حالت ڏسڻ آيا آهيو.“


دشمن تيرانداز تنهنجي اولاد تي حملو ڪندا، ۽ تير هڻي هڻي هنن کي ڏاڍو ستائيندا.


تڏهن اتي خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ ”جيڪي گھُرڻو اٿيئي سو گھُر تہ آءٌ تو کي ڏيان.“


اي خداوند! جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، تن کي تون پنهنجي راز ۾ شامل ٿو ڪرين، ۽ انهن سان ٻڌل پنهنجو عهد پورو ڪرين ٿو.


پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، بادشاهہ نبوڪدنضر ڪو اهڙو خواب لهڻ لڳو جو سندس دل پريشان رهڻ لڳي ۽ ننڊ ڦٽي ويس.


تڏهن هڪ رات پنهنجي پلنگ تي ستي مون هڪڙو خواب لڌو، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. منهنجي ذهن ۾ ايندڙ انهيءَ رويا وارن خيالن مون کي بيحد پريشان ڪري ڇڏيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ کان پوءِ آءٌ سڀني ماڻهن تي پنهنجو روح نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائڻ لڳندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسڻ لڳندا،


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس.


مون تنهنجو پيغام انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو دنيا انهن کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ دنيا جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ دنيا جا نہ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ