Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 37:2 - Muslim Sindhi Bible

2 يعقوب جي گھر ٻار جو احوال هن ريت آهي. يوسف جڏهن سترهن سالن جو هو تڏهن پنهنجي ڀائرن، جيڪي سندس پيءُ جي ٻين زالن بلهاہ ۽ زِلفاہ جا پٽ هئا، تن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو. هو انهن جون خراب ڳالهيون پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 يعقوب جي نسل جو احوال هن ريت آهي. جڏهن يوسف سترهن ورهين جو ٿيو، تڏهن پنهنجي ڀائرن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو، ۽ اُهو ڇوڪر پنهنجي پيءُ جي زالن بلهاہ ۽ زلفہ جي پٽن سان گڏ رهندو هو، ۽ انهن جي برن ڪمن جي خبر پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 37:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نوح جي پٽن سِم، حام ۽ يافت جو اولاد هي آهي. ٻوڏ کان پوءِ هنن کي پٽ ڄاوا.


اهو آهي زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ جو بيان.


سو هن پنهنجي ٻانهي بلهاہ کيس زال ڪري ڏني ۽ يعقوب ساڻس ستو.


جڏهن لياہ سمجھيو تہ ”مون ٻارن ڄڻڻ کان بس ڪئي آهي،“ تڏهن هن پنهنجي ٻانهي زِلفاہ يعقوب کي زال ڪري ڏني.


جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.


يوسف تہ پنهنجي ڀائرن کي سڃاتو پر هنن کيس نہ سڃاتو.


هي ڏڪار جو اڃا ٻيو سال آهي، پر اڃا پنج سال ٻيا بہ اهڙا آهن جن ۾ نڪو هر هلندو، نڪو لابارو پوندو.


تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.


جڏهن خدا انسان کي پيدا ڪيو تہ کيس پاڻ وانگر ٺاهيائين. خدا هنن کي نر ۽ ناري پيدا ڪري برڪت ڏني ۽ کين ”انسان“ سڏيائين، جن جي اولاد جي هيءَ فهرست آهي:


نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو.


دنيا اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اها مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.


آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ڀيڻ خلوئيءَ جي گھر ۾ رهندڙن کان پوريءَ طرح معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ڀائرن ڀينرن جا هڪٻئي سان جھيڙا جھڳڙا پيا هلن.


اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ آءٌ ٿورو گھڻو يقين بہ ڪريان ٿو تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ ڌڙابندي نظر اچي ٿي


مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماءُ پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ