9 اسين پاڻ ۾ سيڻ سڄڻ ٿيون ۽ پنهنجيون ڌيئر هڪٻئي کي ڏيون وٺون.
9 تہ اسين پاڻ ۾ سيڻ سڄڻ ٿيون: اوهين پنهنجيون ڌيون اسان کي ڏيو، ۽ اسان جون ڌيون اوهين وٺو.
پوءِ لوط پنهنجن ڄاٽن وٽ ويو جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي. انهن کي چيائين تہ ”جلدي ڪريو ۽ هتان نڪري هلو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هيءُ شهر برباد ڪندو.“ پر انهن سمجھيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.
آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.
ربقہ اسحاق کي چيو تہ ”آءٌ عيسوءَ جي ڌارين زالن يعني حِتي قوم جي عورتن جي ڪري پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان. جيڪڏهن يعقوب بہ هن علائقي مان حِتي قوم جي ههڙين ڇوڪرين منجھان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي تہ پوءِ منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوندو.“
اوهين اسان سان گڏ رهو. هي سڄو علائقو اوهان جي اڳيان پيو آهي. منجھس وسو رسو، وڻج واپار ڪريو ۽ منجھس مال ملڪيت حاصل ڪريو.“
پوءِ حمور يعقوب وارن سان ڳالهيون هلايون ۽ کين چيائين تہ ”منهنجي پٽ سڪم جي اوهان جي ڌيءَ سان ڏاڍي دل ٿي ويئي آهي، سو مهرباني ڪري اها کيس پرڻائي ڏيو.
تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي.
تڏهن ڇا اسين وري تنهنجا حڪم نہ مڃينداسين؟ جيڪي قومون اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿيون، تن سان مٽي مائٽي ڪنداسين ڇا؟ تڏهن ڇا تون اسان تي ايترو نہ ڪاوڙبين جو اسان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏين جو اسان مان ڪوبہ نہ ڇڏائجي سگھي ۽ نہ وري ڪو باقي بچي سگھي؟
اوهين انهن مان شاديون نہ ڪجو، نہ پنهنجيون ڌيئر هنن جي پٽن کي ڏجو، نڪي هنن جون ڌيئر پنهنجن پٽن لاءِ وٺجو.