Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 34:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي. هو کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي، ۽ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پيار ڪرڻ لڳو، ۽ ساڻس پيار جون ڳالهيون ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 34:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن انهيءَ علائقي جي حاڪم حمور حِويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو تہ کيس پڪڙي وڃي آبرو لُٽيائينس.


پوءِ سڪم پنهنجي پيءُ حمور کي چيو تہ ”انهيءَ ڇوڪريءَ سان منهنجي شادي ڪراءِ.“


سو هاڻي ڊڄو نہ. آءٌ اوهان جي ۽ اوهان جي ٻارن جي پرورش ڪندو رهندس.“ اهڙيءَ طرح هن کين خاطري ۽ دلداري ڏني.


تنهنڪري هاڻي تون اُٿ، ٻاهر هلي پنهنجي لشڪر جي همت‌افزائي ڪر، نہ تہ آءٌ خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ جيڪڏهن تون ٻاهر نہ هلندين تہ اڄ رات ٿيڻ تائين تو وٽ هڪڙو بہ ماڻهو ڪين رهندو ۽ اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ انهن سڀني آفتن کان وڌيڪ خراب هوندي، جيڪي جوانيءَ کان وٺي هن وقت تائين تو تي نازل ٿيون آهن.“


حزقياہ انهن سڀني لاوين جي ڏاڍي تعريف ڪئي، جن خداوند جي عبادت ۾ مهارت سان اڳواڻي پئي ڪئي. سڀني ماڻهن عيد جا ست ئي ڏينهن پنهنجو پنهنجو مقرر حصو پئي کاڌو، سلامتيءَ جون قربانيون پئي پيش ڪيائون ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واکاڻ پئي ڪيائون.


يروشلم جي رهاڪن کي دلاسو ڏيو. هنن منجھہ اعلان ڪريو تہ سندن غلاميءَ واري مصيبت جا ڏينهن ختم ٿي ويا. هائو، مون خداوند سندن بدڪاري معاف ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سندن سڀني گناهن جي کين ٻيڻي سزا ڏيئي چڪو آهيان.“


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻي ڏسو، آءٌ هن کي سمجھائيندس، ۽ ڌتاري بيابان ڏانهن وٺي وڃي ساڻس پيار سان ڳالهائيندس.


پوءِ انهيءَ ڏينهن هوءَ مون کي وري پنهنجو مڙس سڏيندي، ۽ اڳتي مون کي پنهنجو بعل نہ سڏيندي،


پوءِ هن جو مڙس کيس پرچائي واپس وٺي اچڻ لاءِ هن جي پٺيان ويو. هن پاڻ سان پنهنجو نوڪر ۽ ٻہ گڏهہ بہ ڪاهيا. هو اتي پهتو تہ اها عورت کيس پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وٺي ويئي. جڏهن انهيءَ عورت جي پيءُ کيس ڏٺو تڏهن خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪيائين.


تنهن تي هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون. پوءِ عرفہ پنهنجيءَ سس کان ڀاڪر پائي موڪلايو، پر رُوت پنهنجيءَ سس کي چنبڙي پيئي.


دائود جڏهن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي، تنهن ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس سندس پيءُ جي گھر ڏانهن موٽي وڃڻ نہ ڏنائين. هوڏانهن سائول جي پٽ يونتن جي دائود سان ايتري تہ دل اٽڪي ويئي جو هو دائود سان پنهنجيءَ جان جيان محبت ڪرڻ لڳو


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ