Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 34:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جڏهن انهيءَ علائقي جي حاڪم حمور حِويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو تہ کيس پڪڙي وڃي آبرو لُٽيائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ انهيءَ ملڪ جي حاڪم حمور حويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو، ۽ کيس وٺي وڃي ساڻس ستو، ۽ آبرو ورتائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 34:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن پنهنجيءَ زال سارہ لاءِ چيو تہ ”اها منهنجي ڀيڻ آهي.“ تڏهن اتان جي بادشاهہ ابيملڪ سارہ کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو.


جنهن زمين جي ٽڪري تي پنهنجو تنبو کوڙيو هئائين، سو سڪم نالي هڪ شخص جي پيءُ حمور جي خاندان کان چانديءَ جي سؤ سڪن عيوض خريد ڪيائين.


انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ يعقوب جي پٽن لاشن ۽ شهر کي لٽيو، جتي سندن ڀيڻ جي عزت لُٽي ويئي هئي.


هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي. هو کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين.


تڏهن يعقوب شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ ”اوهان مون کي ڏک ڏنو آهي ۽ هن علائقي جي رهاڪن ڪنعانين ۽ فرزين ۾ مون کي نفرت جوڳو ڪيو اٿوَ. اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، سو جيڪڏهن هنن سڀني پاڻ ۾ گڏ ٿي مون تي ڪاهہ ڪئي تہ مون کي ماري وجھندا. آءٌ ۽ منهنجو سمورو گھر ٻار برباد ٿي ويندو.“


تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي.


هڪڙي ڏينهن شام جو دائود جڏهن پنهنجي پلنگ تان اُٿي شاهي محل جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو، تہ ڇت تان هن هڪڙيءَ عورت کي وهنجندي ڏٺو. اها عورت ڏاڍي خوبصورت هئي.


تڏهن دائود ماڻهو موڪلي انهيءَ کي گھرايو. هوءَ تازو ئي ماهواريءَ کان پاڪ ٿي هئي. جڏهن هوءَ وٽس آئي تہ هو ساڻس سمهيو. تنهن بعد هوءَ پنهنجي گھر هلي ويئي.


پر هن سندس ڳالهہ نہ مڃي ۽ کانئس وڌيڪ طاقتور هئڻ ڪري، ساڻس زوريءَ زنا ڪيائين.


”مون قسم کڻي ڇڏيو آهي تہ ڪنهن ڇوڪريءَ ڏانهن، بلڪ ڪنهن بہ عورت ڏانهن بريءَ نظر سان ڪڏهن نہ ڏسندس.


جيڪڏهن مون ڪنهن ٻئي جي زال جي خواهش بہ ڪئي هجي، ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ پاڙيسريءَ جي در کي تاڙي ويٺو هجان،


ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بي‌وقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن عورت ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.


پوءِ جيڪڏهن هو انهيءَ مان خوش نہ ٿئي تہ کيس ڇڏي ڏئي تہ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن هلي وڃي. پر هو کيس پئسن تي هرگز نہ وڪڻي، نڪي ساڻس ٻانهيءَ جهڙي هلت ڪري، ڇاڪاڻ تہ هوءَ ڪڏهن سندس ننگ هئي.“


تہ پوءِ اوهين انهن ٻنهي کي ان شهر جي در تي آڻي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو. ڇوڪريءَ کي انهيءَ ڪري ماريو جو هوءَ شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين ۽ مرد کي انهيءَ ڪري جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مڱ کي بي‌آبرو ڪيو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو، سو ڇوڪريءَ جي پيءُ کي چانديءَ جا پنجاهہ سڪا ڀري ڏئي. جيئن تہ هن ڇوڪريءَ کي بي‌آبرو ڪيو آهي، سو هوءَ سندس زال ٿي رهي ۽ سڄي حياتيءَ تائين هو انهيءَ کي طلاق نہ ڏئي.


پر بني اسرائيل جي ماڻهن انهن حوين کي چيو تہ ”ٿي سگھي ٿو تہ اوهين اسان جي ويجھڙائيءَ ۾ رهندا هجو، تہ پوءِ اسين ڪيئن اوهان سان عهد ڪريون؟“


هڪڙي ڏينهن سمسون تمنت شهر ڏانهن ويو جتي هن هڪڙي فلستي ڇوڪري ڏٺي.


پوءِ جعل چيو تہ ”ابيملڪ جو سڪم سان ڪهڙو واسطو؟ ڇو اسين انهيءَ جي اطاعت ڪريون؟ ڇا هو جِدعون جو پٽ ناهي! ڇا زبول هن جو عملدار ناهي! اوهين سڪم جي وڏي حمور جي اولاد جي ئي اطاعت ڪريو. اسين ڇو ابيملڪ جي اطاعت ڪريون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ