Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 32:5 - Muslim Sindhi Bible

5 مون وٽ پنهنجا ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون ٻڪريون، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن. آءٌ هي پيغام پنهنجي آقا ڏانهن انهيءَ ڪري موڪليان ٿو تہ من توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 مون وٽ ڏاند، گڏهہ، ڌڻ، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن، ۽ سائين جن کي منهنجو عرض آهي، تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 32:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح هو وڌندو ويو ۽ گھڻن ئي ڌڻن، ٻانهين، ٻانهن، اٺن ۽ گڏهن جو مالڪ بڻيو.


سو جيڪا دولت خدا اسان جي پيءُ کان کسي آهي سا اسان جي ۽ اسان جي اولاد جي آهي. تڏهن هاڻي جيڪي ڪجھہ خدا تو کي فرمايو آهي سو ئي ڪر.“


تڏهن خداوند يعقوب کي چيو تہ ”پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ. آءٌ تو سان گڏ هوندس.“


مهرباني ڪري منهنجي سوکڙي جيڪا توهان وٽ آندي ويئي آهي سا قبول ڪريو، ڇو تہ خدا مون تي فضل ڪيو آهي ۽ مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“ اهڙيءَ طرح يعقوب گھڻو زور ڪيس، سو عيسوءَ اها قبول ڪئي.


تڏهن عيسوءَ چيو تہ ”چڱو ڀلا جيڪي ماڻهو مون وٽ آهن تن مان ڪي تو وٽ ڇڏي ٿو وڃان.“ پر يعقوب چيس تہ ”انهيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ منهنجي لاءِ رڳو منهنجي آقا جي مهربانيءَ جي نظر ئي ڪافي آهي.“


پوءِ عيسوءَ پڇيو تہ ”هي سڄو ٽولو جيڪو مون کي اچي گڏيو آهي تنهن مان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”انهيءَ لاءِ تہ تو آقا جي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي.“


هنن وراڻيو تہ ”توهان اسان جي جان بچائي آهي. اسان جي آقا جي اسان تي مهربانيءَ جي نظر رهي. اسين فرعون جا غلام رهنداسين.“


تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ”مفيبوست جي جيڪا بہ شيءِ آهي سا سڀ هاڻي تنهنجي آهي.“ ضيبا وراڻي ڏيندي چيو تہ ”آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان، اي منهنجا آقا بادشاهہ! شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.“


ڇا مون اوهان کي چيو آهي تہ مون کي ڪا سوکڙي ڏيو؟ يا هي تہ پنهنجي مال ملڪيت مان ڪنهن کي منهنجي طرفان ڪا رشوت ڏيو؟


پر جيڪڏهن اهو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ مست ٿيڻ لڳي،


هڪڙي ڏينهن رُوت نعوميہ کي چيو تہ ”مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ ٻنيءَ ۾ وڃان ۽ جيڪو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي سنگ ميڙي گڏ ڪريان.“ نعوميہ ورندي ڏنس تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! ڀلي وڃ.“


تنهن تي حنہ چيس تہ ”شل تنهنجي هن ٻانهيءَ تي هميشہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر هجي.“ پوءِ هوءَ موٽي ويئي ۽ وڃي ماني کاڌائين. ان کان پوءِ سندس چهرو غمگين نہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ