Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 32:31 - Muslim Sindhi Bible

31 جڏهن هو فني‌ايل مان لنگھي ويو تہ سج اڀري ويس. هو ران سببان منڊڪائيندو ٿي هليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ فني ايل تان لنگهندي هن کي سج اُڀري ويو، ۽ هو پنهنجيءَ ران تي منڊڪائيندو هليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 32:31
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاجرہ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو تہ ”ڇا مون سچ پچ خدا کي ڏٺو آهي ۽ پوءِ بہ جيئري آهيان؟“ سو جنهن ساڻس ڳالهايو هو تنهن جو نالو هن ”ڏسندڙ خدا“ رکيو.


پرهہ ڦٽيءَ وقت ملائڪن لوط کي تڪڙ ڪئي ۽ چيائونس تہ ”پنهنجي زال ۽ ٻئي ڌيئر وٺي هتان هليو وڃ، متان شهر مٿان سزا اچڻ وقت اوهين بہ پنهنجي جان وڃائي ويهو.“


جنهن وقت لوط صغر ۾ پهتو تنهن وقت سج اڀري چڪو هو.


جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڏٺو تہ هو کانئس کٽي نہ ٿو سگھي، تڏهن جيئن هو يعقوب سان ملهہ ٿي وڙهيو تہ سندس ران کي مروٽو ڏيئي جوڙ وٽان ڪڍي وڌائينس.


اهو ئي سبب آهي جو بني اسرائيل اڄ ڏينهن تائين ران جي اندرين پاسي واري رڳ نہ کائيندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ شخص يعقوب جي ران کي ڌڪ هنيو هو ۽ هن جي ران ڪڍي وڌي هئائين.


تنهن کان پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ يربعام افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر کي ڪوٽ ٻڌرائي اُتي رهڻ لڳو. بعد ۾ هو اتان هليو ويو ۽ وڃي فنوايل شهر کي ڪوٽ ٻڌرايائين.


تڏهن هنن هڪڙو ڍڳو ورتو ۽ انهيءَ کي تيار ڪيائون. پوءِ هنن صبح کان وٺي منجھند تائين پئي بعل ديوتا کي سڏيو ۽ رڙيون ڪري پئي چيائون تہ ”اي بعل! اسان کي سڏ ڏي.“ پر ڪوبہ جواب، ڪابہ ورندي ڪانہ آئي. جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهي هئائون تنهن جي چوڌاري هو نچندا پئي رهيا.


انهيءَ سبب جو آءٌ بلڪل ئي ڪرڻ تي آهيان. منهنجو درد هر وقت منهنجي اڳيان آهي.


انهن بني اسرائيل جي خدا کي ڏٺو. سندس پيرن جي هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پٿر جهڙو فرش لڳل هو، اهو اهڙو تہ صاف هو جهڙو آسمان.


خدا بني اسرائيل جي اڳواڻن کي نقصان ڪين پهچايو. هنن خدا کي ڏٺو ۽ کاڌائون پيتائون.


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن.


انهيءَ رويا جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي بدن ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


پر هن مون کي چيو تہ ”منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ تنهنڪري هاڻي آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي ڪمزورين تي ئي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.


انهن چيو تہ ’خداوند اسان جي خدا پنهنجو جلال ۽ پنهنجي عظمت اسان کي ڏيکاري آهي. اسان هن جو آواز باهہ جي وچ مان ٻڌو آهي. اڄ اسان ڏٺو تہ خدا انسان سان ڳالهايو تہ بہ انسان جيئرو رهيو.


ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جنهن اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندي ٻڌو هجي ۽ پوءِ بہ جيئرو هجي؟


تڏهن جِدعون سمجھي ويو تہ اهو برابر خداوند جو ملائڪ هو. سو هن دهشت وچان چيو تہ ”آہ! اي خداوند خدا! مون تنهنجي ملائڪ کي روبرو ڏٺو آهي.“


پر خداوند کيس چيو تہ ”تون سلامت هوندين. ڊڄ نہ، تون مرڻ تي نہ آهين.“


پوءِ جِدعون اتان مٿي فنوايل ڏانهن چڙهي ويو ۽ اتي جي ماڻهن کي ساڳيو ئي عرض ڪيائين، پر انهن بہ سڪات جي ماڻهن وارو ئي جواب ڏنس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ