1 يعقوب پنهنجي واٽ وٺيو پئي ويو تہ رستي ۾ کيس خدا جا ملائڪ گڏيا.
1 پوءِ يعقوب پنهنجي واٽ وٺي روانو ٿيو ۽ کيس خدا جا فرشتا گڏيا.
پوءِ جڏهن خداوند ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن اتان هليو ويو ۽ ابراهيم گھر موٽي آيو.
انهن ربقہ کي دعا ڪندي چيو تہ ”اسان جي ڀيڻ! شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿئين. شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن جي شهرن تي حڪمراني ڪري.“
ڇو تو مون کي پنهنجن ڏوهٽن ڏوهٽين ۽ ڌيئرن کان چمي موڪلائڻ بہ نہ ڏنو؟ اهو تو بيعقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.
جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن کي سندس ملائڪ هر خطري کان دور ٿو رکي. هو انهن جي چوڌاري پهرو ڏيئي سندن حفاظت ٿو ڪري.
انهيءَ سبب جو هن اوهان لاءِ پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏنو آهي، تہ اهي اوهان جي سڀني واٽن ۾ اوهان جي سنڀال ڪندا رهن.
پوءِ ڀلي اهو پولس هجي توڙي اپلوس يا پطرس، يا وري دنيا، يا زندگي، يا موت هجي، يا وري حال يا مستقبل هجي. اِهي سڀيئي اوهان جا آهن.
خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.
اهڙيءَ طرح هو ملائڪن کان اوتري قدر عظيم ٿيو، جيتري قدر کيس انهن جي ملائڪ نالي کان عظيم نالو ورثي ۾ مليو.