2 يعقوب ڏٺو تہ ساڻس لابن جو رويو بہ اڳي جهڙو سٺو نہ رهيو آهي.
2 ۽ يعقوب لابن جي منهن ڏانهن نظر ڪئي ۽ هن جو رخ پاڻ ڏانهن اڳئين جهڙو نہ ڏٺائين.
تڏهن لابن چيس تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهي پئُہ، ڇو تہ مون فال ذريعي ڄاڻي ورتو آهي تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.“
يعقوب لابن جي پٽن کي چوندي ٻڌو تہ ”اسان جي پيءُ وٽ جيڪي ڪجھہ هو سو سڀ يعقوب کڻي ويو آهي ۽ اسان جي پيءُ جي مال ملڪيت مان هيتري دولت ڪمائي اٿس.“
تڏهن خداوند يعقوب کي چيو تہ ”پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ. آءٌ تو سان گڏ هوندس.“
انهن کي چيائين تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ اوهان جي پيءُ جو رويو مون سان اڳي جهڙو سٺو نہ رهيو آهي. پر منهنجي پيءُ جو خدا مون سان آهي.
پر قابيل ۽ سندس نذراني کي قبول نہ ڪيائين. تنهن تي قابيل کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ سندس منهن ڦري ويو.
تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خلاف غصي وچان سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. سو هن حڪم ڏنو تہ ”کوري کي جيترو اڳ ۾ تپايو ويندو هو، تنهن کان هن کي ستوڻو وڌيڪ تپايو وڃي.“
جيڪو خوني پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي اوڏانهن وڃي، تنهن بابت هي حڪم آهي. ٿي سگھي ٿو تہ ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي بناارادي ماري وجھي، جڏهن تہ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس.
جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پياري زال ۽ پنهنجي باقي بچيل ٻارن ڏانهن نيت خراب هوندي،
تڏهن يونتن دائود کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون کيس بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو دائود کي سائول وٽ وٺي آيو ۽ اڳي وانگر دائود سائول جي حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو.