7 راخل جي ٻانهي بلهاہ وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس يعقوب مان ٻيو پٽ ڄائو.
7 ۽ راخل جي ٻانهي وري حاملہ ٿي ۽ کيس يعقوب مان ٻيو پٽ ڄائو.
تڏهن راخل چيو تہ ”خدا منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، منهنجي دانهن ٻڌي مون کي پٽ ڏنو اٿس.“ انهيءَ سبب هن انهيءَ جو نالو دان رکيو.
تڏهن راخل چيو تہ ”مون پنهنجيءَ ڀيڻ سان سخت ويڙهہ ڪئي آهي ۽ کانئس کٽيو اٿم.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو نفتالي رکيائين.
سندس ٻيو پٽ نفتالي هو جنهن جا پٽ هي هئا: يحصيايل، جُوني، يصر ۽ شليم.
اهي پٽ بلهاہ مان آهن، جيڪا لابن پنهنجي ڌيءَ راخل کي ٻانهي ڪري ڏني هئي. اهي جملي ست ڄڻا هئا.