Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 3:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جيئن ئي انهن کاڌو تہ کين سمجھہ اچي ويئي ۽ محسوس ڪيائون تہ ”اسين اگھاڙا آهيون.“ سو هنن انجير جي پنن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پنهنجي لاءِ لانگوٽا ٺاهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تڏهن ٻنهي جون اکيون پٽجي پيون ۽ سمجهڻ لڳا تہ اسين اُگهاڙا آهيون؛ ۽ انجير جا پن سبي پنهنجي لاءِ لانگوٽا جوڙيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 3:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آدم ۽ سندس زال ٻئي اگھاڙا هئا، تہ بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.


خدا ائين انهيءَ ڪري چيو آهي جو کيس خبر آهي تہ جنهن وقت اوهين اهو ميوو کائيندا تنهن وقت خدا وانگر نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سڃاڻي وٺندا.“


جڏهن هو سامريہ شهر ۾ داخل ٿيا تڏهن اليشع دعا گھري تہ ”اي خداوند! هنن جون اکيون کول تہ هي ڏسن.“ پوءِ خداوند انهن جون اکيون کوليون تہ ڇا ڏسن تہ هو سامريہ منجھہ پهچي چڪا هئا.


ياد رکو، اوهان جو ڪيل عهد اقرار هن چوڻيءَ جيان اڻپورو ثابت ٿيندو تہ ”ڪو ماڻهو اهڙي ننڍڙي کٽولي تي ستل هجي، جنهن تي ٽنگون بہ ڊگھيون نہ ڪري سگھي، ۽ سوڙ اهڙي سوڙهي هجيس جو ان ۾ پاڻ کي ويڙهي بہ نہ سگھي.“


ماڻهو تنهنجي اوگھڙ ڏسندا. هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي. آءٌ بدلو وٺندس ۽ ڪوبہ مون کي روڪي نہ سگھندو.“


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابراهيم نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو.


بدن جا اهي عضوا جن کي اسين گھٽ عزت وارا سمجھون ٿا، تن کي عزت سان ڍڪيون ٿا، يعني انهن کي اسين شرم وچان ڍڪي سندن گھڻو احترام ٿا ڪريون،


ايتري قدر جو اوهين پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريا ٿي پوندا.


اهو انهيءَ ڪري ڪيائين تہ جيئن هو بني اسرائيل جي هر پيڙهيءَ کي جنگ ڪرڻ سيکاري جن کي جنگ جو تجربو ڪونہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ