پيدائش 3:5 - Muslim Sindhi Bible5 خدا ائين انهيءَ ڪري چيو آهي جو کيس خبر آهي تہ جنهن وقت اوهين اهو ميوو کائيندا تنهن وقت خدا وانگر نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سڃاڻي وٺندا.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 بلڪ خدا کي خبر آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين اهو کائيندا، تنهن ڏينهن اوهانجيون اکيون پٽجي پونديون، ۽ اوهين خدا وانگر ٿيندا، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي جو حزقياہ اوهان سان ٺڳي ڪري ۽ اوهان کي گمراهہ ڪري. هن جي ڳالهين تي اوهين اعتبار نہ ڪريو. ڪنهن بہ قوم يا بادشاهت جي ڪنهن بہ معبود کي منهنجي هٿان ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جي هٿان پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ جي طاقت ناهي. تہ پوءِ پڪ ڄاڻو تہ اوهان جو خدا بہ اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.“
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.