Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 3:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تنهنڪري خداوند خدا کيس عدن جي باغ مان تڙي ڪڍيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن زمين مان هو ٺهيو آهي تنهن تي پوک ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تنهنڪري خداوند خدا هن کي عدن جي باغ مان ڪڍي ڇڏيو، تہ زمين، جنهن مان هو نڪتو آهي، تنهن کي پوکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 3:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري.


پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.


پوءِ خداوند خدا اوڀر طرف عدن جي علائقي ۾ هڪڙو باغ بڻايو ۽ جنهن انسان کي ٺاهيو هئائين تنهن کي انهيءَ باغ ۾ رکيائين.


تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“


پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”هاڻ انسان تہ اسان وانگر ٿي پيو آهي ۽ کيس نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ بہ آهي. سو ائين نہ ٿئي تہ هو زندگيءَ جي وڻ مان ميوو ڇني کائي ۽ سدائين جيئرو رهي.“


پوءِ اوڀر پاسي باغ جي لنگھہ وٽ پردار آسماني مخلوق سان گڏ هڪ تجليدار تلوار مقرر ڪيائين جيڪا چئني پاسن تي پيئي ڦري، تہ جيئن ڪوبہ باغ اندر زندگيءَ جي وڻ جي ويجھو وڃي نہ سگھي.


جڏهن تون زمين تي هر هلائيندين تڏهن انهيءَ مان تو کي ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو. تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين.“


پوءِ کيس هڪ ٻيو پٽ هابيل ڄائو. هابيل ريڍار ۽ قابيل هاري بڻيو.


نوح پوک ڪندڙ اهو پهريون شخص هو جنهن انگورن جو هڪڙو باغ لڳايو.


پر جيڪڏهن ملڪ جي سڀني ٻنين تي بادشاهہ جي اختياري آهي تہ پوءِ انهيءَ مان سڀني کي فائدو ملي سگھي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ