Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 3:13 - Muslim Sindhi Bible

13 خداوند خدا عورت کان پڇيو تہ ”تو ائين ڇو ڪيو؟“ عورت وراڻيو تہ ”نانگ مون کي برغلايو ۽ مون کاڌو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تڏهن خداوند خدا زال کي چيو تہ تو هي ڇا ڪيو؟ زال چيو تہ، نانگ مون کي ڀنڀلايو ۽ مون کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 3:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ ابرام کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ پڇيائينس تہ ”تو مون سان ائين ڇو ڪيو؟ تو مون کي ڇو نہ ٻڌايو تہ هيءَ تنهنجي زال آهي؟


تڏهن يوسف هنن کي چيو تہ ”اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ ڇا اوهان کي خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ذريعي سڀ ڪجھہ معلوم ڪري ٿو سگھي؟“


تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اوهان هي ڇا ڪيو؟ ابنير اوهان وٽ آيو هو تہ اوهان کيس ڇو روانو ڪري ڇڏيو، جو هو هليو ويو؟


تڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي ڪوڙ ڳالهائيندي کيس چيو تہ ”جهڙو خدا جو ٻانهو تون آهين تهڙو آءٌ بہ آهيان. خداوند جي حڪم سان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو آهي تہ ’هن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر وٺي اچ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي.‘“


پر جيڪڏهن هوءَ ڌيءَ ڄڻي تہ پوءِ ٻن هفتن تائين ناپاڪ رهندي، جيئن ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ رهندي آهي. ان کان پوءِ هوءَ خون کان پاڪ ٿيڻ تائين ڇاهٺ ڏينهن وڌيڪ ڇِلي ۾ رهي.


يونس کين وڌيڪ ٻڌايو تہ ”آءٌ خداوند کان ڀڄي نڪتو آهيان.“ تڏهن اهي ماڻهو ڏاڍا ڊنا ۽ چيائونس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟“


پلاطس وراڻيو تہ ”ڇو آءٌ يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي پنهنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاهنن تو کي منهنجي حوالي ڪيو آهي. ٻڌاءِ تہ تو ڪيو ڇا آهي؟“


گناهہ وجھہ وٺي شريعت واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


اهو بہ آهي تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر حوا يعني عورت ٺڳجي ويئي ۽ خدا جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيائين.


تڏهن سموئيل کيس چيو تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟“ سائول وراڻيو تہ ”جڏهن مون ڏٺو تہ فلستي مڪماس ۾ اچي گڏ ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو مون وٽان ٽڙي پکڙي رهيا آهن ۽ توهان بہ مقرر ڪيل وقت اندر ڪين پهتا،


سائول کيس ورندي ڏني تہ ”لشڪر جا ماڻهو اهي عماليقين وٽان ڪاهي آيا آهن. جيڪي تمام چڱيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هئا سي ماڻهن بچائي آندا آهن، انهيءَ لاءِ تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جي اڳيان انهن کي قربان ڪن ۽ باقي ٻيو سڀ ڪجھہ اسان بلڪل چٽ ڪري ڇڏيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ