7 کيس معلوم ٿيو تہ يعقوب پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃي فدانارام ڏانهن هليو ويو آهي.
7 ۽ يعقوب پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃي فدان ارام ڏانهن ويو آهي،
جڏهن اسحاق ربقہ سان شادي ڪئي تڏهن سندس عمر چاليهہ سال هئي. ربقہ فدانارام شهر واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ ۽ لابن جي ڀيڻ هئي.
سو هاڻي پٽ، جيئن آءٌ تو کي چوان تيئن ڪر. هڪدم حاران ۾ منهنجي ڀاءُ لابن وٽ ڀڄي وڃ.
عيسوءَ کي خبر پيئي تہ اسحاق يعقوب کي دعا ڪري فدانارام ڏانهن شادي ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. کيس اها بہ خبر پيئي تہ دعا ڪرڻ مهل اسحاق کيس تاڪيد ڪيو تہ ڪنهن بہ ڪنعاني ڇوڪريءَ سان شادي نہ ڪجانءِ.
تڏهن عيسوءَ سهي ڪري ورتو تہ ڪنعان جون ڇوڪريون منهنجي پيءُ اسحاق کي نہ ٿيون وڻن.
اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.
اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي والدين جي هدايت ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڏيو.
جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.
اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم ڪندو رهي. اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ملهائيندا رهجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري پنهنجي ماءُ پيءُ جا فرمانبردار رهو، ڇو تہ ائين ڪرڻ واجب آهي.
”تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ ڌرتيءَ تي وڏي عرصي تائين جيئرا رهو.“
اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اها چڱي ڳالهہ آهي.