44 ڪجھہ وقت انهيءَ وٽ وڃي رهہ، جيستائين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ ڍري ٿئي.
44 ۽ ڪي ڏينهن وڃي انهيءَ وٽ رهہ، جيسين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ ڍري ٿئي؛
آءٌ پورا ويهہ سال توهان وٽ رهيس، تنهن وچ ۾ نہ توهانجين رڍن ۽ ٻڪرين جا ڦر ڪريا ۽ نہ ئي وري توهان جي ڌڻ جا گھٽا مون کاڌا.
اهي ويهہ سال آءٌ توهان جي گھر ۾ رهيس. مون چوڏهن سال توهانجين ڌيئرن جي لاءِ ۽ ڇهہ سال توهانجين رڍن ٻڪرين جي لاءِ پورهيو ڪيو ۽ توهان منهنجو معاوضو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو.
خداوند ئي قادرِمطلق خدا آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان ڌرتي پگھرجي پاڻي ٿي وڃي ٿي، ۽ سڀني ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي وڃي ٿو. ڌرتي نيل نديءَ وانگر اُٿل کائي مٿي چڙهي ٿي، ۽ پوءِ وري هيٺ لهي اچي ٿي.