تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جيڪو حاران جو پٽ هو ۽ پنهنجيءَ نُنهن ابرام جي زال سارائيءَ کي پاڻ سان وٺي ڪسدين جي اُور شهر مان نڪري ڪنعان ملڪ ڏانهن ويو. جڏهن اُهي حاران شهر ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.
يهوناداب ولد ريڪاب، جنهن پنهنجي اولاد کي حڪم ڏنو هو تہ ’مئي نہ پيئجو،‘ تنهن جي حڪم تي عمل ڪيو ٿو وڃي. اڄ ڏينهن تائين هو مئي نہ ٿا پيئن، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي وڏي جي حڪم تي عمل ڪندا ٿا اچن. پر مون بار بار اوهان کي هميشہ تاڪيد پئي ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.
جڏهن ربقہ کي وڏي پٽ عيسوءَ جي رٿ جي خبر پيئي تڏهن پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي گھرايائين ۽ چيائينس تہ ”ڳالهہ ٻڌ، تنهنجو ڀاءُ عيسو تو کي قتل ڪري پنهنجي دل ٺارڻ گھري ٿو.
پوءِ خدا يعقوب کي چيو تہ ”بيتايل ۾ وڃي رهہ ۽ اتي مون خدا جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهہ، جتي مون تو کي ان وقت ڏيکاري ڏني هئي، جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي ڊپ کان ڀڳو ٿي وئين.“