پيدائش 27:4 - Muslim Sindhi Bible4 پوءِ منهنجي لاءِ لذيذ کاڌو تيار ڪر، جهڙو مون کي وڻندو آهي. اهو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ کاوان ۽ مرڻ کان اڳ ۾ دل سان تو کي دعا ڏيان.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 ۽ منهنجي واسطي لذيذ طعام، جهڙو مون کي وڻندو آهي، تهڙو تيار ڪري مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ اهو کاوان؛ ۽ مرڻ کان اڳي توکي برڪت ڏيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني.