پيدائش 27:29 - Muslim Sindhi Bible29 شل قومون تنهنجيون خدمتگار ٿين ۽ قبيلا تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائين. شل پنهنجي سڀني ڀائرن جو حاڪم ٿئين ۽ شل تنهنجي ماءُ جو اولاد تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي. شل انهيءَ تي پِٽَ پوي جيڪو تو تي پِٽَ وجھي ۽ شل اهو ڀلارو ٿئي جيڪو تو لاءِ ڀلائي گھري.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“