26 پوءِ سندس پيءُ اسحاق چيس تہ ”پٽ! ويجھو اچي مون کي چمي ڏي.“
26 پوءِ سندس پيءُ اسحاق چيس تہ منهنجا پٽ هاڻ ويجهو اچي مون کي چُمي ڏي.
تڏهن اسحاق چيس تہ ”کاڌو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ پنهنجي پٽ جي شڪار مان ڪجھہ کاوان ۽ پوءِ دل سان تو کي دعا ڏيان.“ سو يعقوب اهو کيس ويجھو آڻي ڏنو، جيڪو هن کاڌو. هن پيئڻ لاءِ ڪجھہ مئي بہ آڻي ڏنس، جيڪا هن پيتي.
يعقوب ويجھو اچي چمي ڏنس. تڏهن اسحاق کي سندس ڪپڙن جي خوشبوءِ آئي. سو کيس دعا ڏيئي چيائين تہ ”منهنجي پٽ جي خوشبوءِ انهيءَ ٻنيءَ جي خوشبوءِ جهڙي آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.
پوءِ راخل جي پيشاني چمي خوشيءَ وچان اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.
تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ ويو ۽ جيڪي ابيسلوم چيو هئس سو کيس ٻڌايائين. پوءِ بادشاهہ ابيسلوم ڏانهن ماڻهو موڪليو تہ هو بادشاهہ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان زمين تي جھڪي کيس تعظيم ڏنائين. تڏهن بادشاهہ ابيسلوم کي چميو.
ڪاش! تنهنجا چپ مون کي چمين سان وڪوڙي ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو پيار مئي کان وڌيڪ سُرور ڏيندڙ آهي.
سو هو پهچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي استاد! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.