Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 27:24 - Muslim Sindhi Bible

24 هن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون سچ پچ عيسو آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ چيائين تہ ڇا تون سچ پچ منهنجو پٽ عيسو آهين؟ هن چيو تہ ها آءٌ اهوئي آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 27:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو يعقوب کي سڃاڻي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جا هٿ سندس ڀاءُ عيسوءَ جي هٿن جهڙا وارن سان ڀريل هئا. سو هن طرح اسحاق يعقوب کي دعا ڏني.


تڏهن اسحاق چيس تہ ”کاڌو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ پنهنجي پٽ جي شڪار مان ڪجھہ کاوان ۽ پوءِ دل سان تو کي دعا ڏيان.“ سو يعقوب اهو کيس ويجھو آڻي ڏنو، جيڪو هن کاڌو. هن پيئڻ لاءِ ڪجھہ مئي بہ آڻي ڏنس، جيڪا هن پيتي.


بادشاهہ هن کان پڇيو تہ ”تو کي ڇا ٿيو آهي؟“ تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هاءِ! آءٌ هڪڙي رن‌زال آهيان، منهنجو مڙس مري ويو آهي.


تڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي ڪوڙ ڳالهائيندي کيس چيو تہ ”جهڙو خدا جو ٻانهو تون آهين تهڙو آءٌ بہ آهيان. خداوند جي حڪم سان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو آهي تہ ’هن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر وٺي اچ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي.‘“


تنهنجيون بڇڙايون تنهنجي زبان کولائين ٿيون، انهيءَ ڪري تون ٺڳن واريون ڳالهيون ٿو ڪرين.


ڪوڙ جي حياتي پاڻيءَ جي ڦوٽي مثل آهي، مگر سچ هميشہ تائين قائم ٿو رهي.


ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جنهن جي قول وَ فعل ۾ ڪو فرق ناهي، تنهن کان هو خوش ٿو ٿئي.


هڪڙو تہ ڪوڙ ۽ فريب کي مون کان پاسي ڪر. ٻيو تہ مون کي نہ گھڻو غريب بڻاءِ ۽ نہ گھڻو دولتمند، بس مون کي منهنجي ضرورت آهر کاڌو عطا فرماءِ.


هاڻي اوهان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي جو هڪٻئي سان سچ ڳالهايو ۽ پنهنجين عدالتن ۾ حق ۽ سچ وارا فيصلا ڪريو تہ جيئن امن وَ سلامتي قائم رهي.


تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان هر ڪو هڪٻئي سان سچ ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀ ايمان وارا هڪ ئي بدن جا عضوا آهيون.


نڪي اوهين هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهايو، ڇو تہ اوهان پراڻي انساني فطرت کي سندس عادتن سميت لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي


تڏهن هن انهن جي اڳيان پنهنجي هلت چلت ڦيرائي ڇڏي ۽ پاڻ کي ديواني جيان بڻايو. هو دروازي جي طاقن تي ليڪا ڪڍڻ لڳو ۽ پنهنجيءَ ڏاڙهيءَ تي گِگَ وهائڻ لڳو.


دائود کيس وراڻيو تہ ”بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ ’جنهن ڪم لاءِ آءٌ تو کي موڪليان ٿو ۽ جيڪو حڪم مون تو کي ڏنو آهي، تنهن بابت ٻئي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي.‘ سو پنهنجي ماڻهن کي مون ڪنهن ٻئي هنڌ ترسايو آهي.


پر جڏهن اڪيس کانئس پڇندو هو تہ ”اڄ اوهان ڪيڏانهن ڪاهہ ڪئي هئي؟“ تڏهن دائود ڦيرائي ٻڌائيندو هئس تہ يهوداہ جي ڏکڻ يا يرحمئيلين جي ڏکڻ يا قينين جي ڏکڻ ڏانهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ