جڏهن يعقوب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏهن پنهنجي پٽ يوسف کي پاڻ وٽ گھرائي چيائين تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رکي چئُہ تہ تون مون سان مهرباني ۽ وفاداريءَ جو سلوڪ ڪندي مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪندين.
تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي خبر نہ آهي تہ گھر جو مالڪ ڪڏهن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل يا صبح جو اچي.
پر دائود وري قسم کڻي چيس تہ ”تنهنجو پيءُ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي. سو هن سوچيو هوندو تہ ’يونتن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر نہ پوي تہ چڱو، نہ تہ متان ڏک ٿئيس.‘ پر جيئري خداوند ۽ تنهنجي جان جو قسم تہ پڪ منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ رڳو هڪڙي قدم جو مفاصلو آهي.“