Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 27:12 - Muslim Sindhi Bible

12 شايد منهنجو پيءُ مون کي هٿ لائي ڏسي ۽ خبر پئجي وڃيس تہ آءٌ ساڻس ٺڳي ٿو ڪريان، تہ پوءِ اهڙيءَ طرح آءٌ دعا جي عيوض پاڻ تي بددعا آڻيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 شايد منهنجو پيءُ مون کي هٿ لائي ۽ آءٌ هن جي اڳيان دغاباز ثابت ٿيان، ۽ برڪت جي بدران پاڻ تي لعنت آڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 27:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇوڪرا وڏا ٿيا. عيسو هوشيار شڪاري ۽ جھنگ جو جھانگي بڻيو، جڏهن تہ يعقوب ماٺ ميٺ ۾ ۽ گھريلو زندگي گذارڻ وارو هو.


تڏهن عيسوءَ چيو تہ ”ڇا هن جو نالو يعقوب ٺيڪ نہ رکيو ويو آهي؟ هن ٻيو ڀيرو مون سان ٺڳي ڪئي آهي. هن منهنجي پهريتي هئڻ جو حق ورتو ۽ هاڻ هو منهنجي دعا بہ وٺي ويو آهي.“ پوءِ چيائين تہ ”ڇا توهان منهنجي لاءِ ڪا دعا بچائي نہ رکي آهي؟“


جڏهن تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ تو تان لهي ويندي ۽ تو جيڪي ڪجھہ ساڻس ڪيو آهي سو وسري ويندس، تہ پوءِ آءٌ تو کي اتان گھرائي وٺنديس. آءٌ اوهان ٻنهي کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڇو وڃايان؟“


تنهن تي هن حام جي پٽ ڪنعان تي لعنت ڪندي چيو تہ ”ڪنعان تي لعنت هجي، شال هو پنهنجي سؤٽن جي غلامن جو بہ غلام ٿئي.


هن وٽ طاقت ۽ ڪم ڪرڻ جي پوري قوت آهي، ٺڳجي ويل توڙي ٺڳيندڙ ٻيئي هن جي هٿ وس آهن.


هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو.


سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بي‌عيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“


اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بي‌عزتي بہ. اسان جي نيڪ نامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بدنامي بہ. توڙي جو اسين سچا آهيون تہ بہ ڪي اسان کي ٺڳ ٿا سمجھن.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو انڌي کي رستي کان ڀٽڪائي ٿو.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ