Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 27:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ اسحاق پوڙهو ٿي ويو هو ۽ اکين مان نظر بہ ڪونہ ٿي پيس. تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيائينس تہ ”پٽ!“ هن وراڻيس تہ ”جيءُ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق ٻڍو ٿيو ۽ اکين ۾ اهڙو ڌنڌ ٿيس، جو ڏسي نٿي سگهيو، تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي سڏي چيو تہ اي منهنجا پٽ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 27:1
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب چيس تہ ”پهريائين مون سان قسم کڻ.“ عيسوءَ ساڻس قسم کنيو ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڏنائين.


جيئن تہ يعقوب جي ديد سندس عمر جي ڪري گھٽجي ويئي هئي، سو هو چڱيءَ طرح ڏسي نہ ٿي سگھيو. تنهنڪري يوسف ڇوڪرن کي وٽس ويجھو وٺي آيو ۽ هن کين ڀاڪر پائي چميو.


سو يربعام جي زال ائين ئي ڪيو ۽ سيلا شهر ڏانهن اخياہ جي گھر ويئي. جيئن تہ وڏيءَ عمر جي ڪري اخياہ جون اکيون ويهجي ويون هيون سو هو ڏسي نہ ٿي سگھيو.


انهن ڏينهن ۾ اوهان جا محافظ بازو ڏڪڻ لڳندا ۽ اوهان جون ٽنگون جيڪي هينئر مضبوط آهن، سي ٿڙڪڻ لڳنديون. اوهان جا ڏند ٿورا وڃي بچندا ۽ کاڌو چٻاڙي نہ سگھندا. اوهان جي اکين جي نظر ويندي رهندي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”هن جي انڌائپ جو هن جي گناهہ سان يا سندس ماءُ پيءُ جي گناهہ سان ڪوبہ واسطو نہ آهي. پر هي انهيءَ ڪري انڌو آهي تہ جيئن هن مان خدا جا ڪم ظاهر ٿين.


جڏهن موسيٰ وفات ڪئي تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ سال هئي. هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت ئي گھٽي هئي.


هڪڙيءَ رات عيلي جنهن جي نظر هاڻي تمام گھٽجي ويئي هئي، سو پنهنجي ڪمري ۾ ستو پيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ