Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 26:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ جو سبب هي آهي جو ابراهيم منهنجي فرمانبرداري ڪئي هئي ۽ منهنجي هدايتن ۽ سڀني حڪمن تي عمل ڪيو هئائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو ابرهام منهنجو چوڻ مڃيو ۽ منهنجيءَ هدايت، ۽ منهنجن حڪمن، ۽ منهنجن قانونن، ۽ منهنجن قاعدن تي عمل ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 26:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب حاران شهر مان روانو ٿيو ۽ سندس ڀائٽيو لوط بہ ساڻس گڏجي هليو. تڏهن ابرام جي عمر پنجهتر سال هئي.


پوءِ ابراهيم انهيءَ ئي ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل ۽ پنهنجي گھر جي ماڻهن مان سڀني مردن جو، پنهنجي گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت سڀني جو طهر ڪيو.


نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


”آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندس، ڇو تہ تو هي ڪم ڪيو جو پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو.


دنيا جون سموريون قومون تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت حاصل ڪنديون، ڇو تہ تو منهنجو چيو مڃيو آهي.“


تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ وڏو سڏبو.


”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. خداوند عيسيٰ جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس خدمت ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


ڏسو، ڇا خدا اسان جي پيءُ ابراهيم کي عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو، جڏهن هن پنهنجي پٽ اسحاق کي قربان‌گاهہ تي نذر ٿي ڪيو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ