Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 26:34 - Muslim Sindhi Bible

34 جڏهن عيسو چاليهن سالن جو ٿيو، تڏهن حِتي قوم جي ٻن ڇوڪرين سان شادي ڪيائين، هڪڙي بيريءَ جي ڌيءَ يهوديت ۽ ٻي اَيلون جي ڌيءَ باسمت.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 جڏهن عيسو چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن بيري حتيءَ جي ڌيءَ يهودٿا، ۽ ايوان حتيءَ جي ڌيءَ بشامٿا سان شادي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 26:34
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.


ربقہ اسحاق کي چيو تہ ”آءٌ عيسوءَ جي ڌارين زالن يعني حِتي قوم جي عورتن جي ڪري پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان. جيڪڏهن يعقوب بہ هن علائقي مان حِتي قوم جي ههڙين ڇوڪرين منجھان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي تہ پوءِ منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوندو.“


تڏهن عيسوءَ سهي ڪري ورتو تہ ڪنعان جون ڇوڪريون منهنجي پيءُ اسحاق کي نہ ٿيون وڻن.


سو عيسو ابراهيم جي پٽ اسماعيل وٽ ويو ۽ سندس ڌيءَ محلت، جيڪا نبايوت جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪري کيس پنهنجين زالن ۾ شامل ڪيائين.


رعوايل جا پٽ هي آهن: نحت، زارح، شماہ ۽ مِزہ. اهي آهن عيسوءَ جي زال بشامہ جا پوٽا.


عيسوءَ هنن ڪنعاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي هئي: عدہ جيڪا اَيلون حِتيءَ جي ڌيءَ هئي، اهليباماہ جيڪا عَيناہ جي ڌيءَ ۽ صِبعون حِويءَ جي پوٽي هئي،


اهليباماہ کي يعوش، يعلام ۽ قورح ڄاوا. اهي عيسوءَ جا پٽ آهن جيڪي کيس ڪنعان جي ملڪ ۾ ڄاوا.


متان اوهان انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن سان پرڻايو ۽ اهي ڇوڪريون پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ اوهان جي پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳائي بدڪار بڻائين.


پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ مڙس پنهنجيءَ زال سان رهي ۽ هر هڪ زال پنهنجي مڙس سان رهي.


خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ نہ ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنهنجي پهريتي هجڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.


تڏهن اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تن ٻنهي کان دائود پڇيو تہ ”سائول جي خيمي‌گاهہ ۾ مون سان گڏجي ڪير هلندو؟“ تنهن تي ابي‌شيءَ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان سان گڏجي هلندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ