30 پوءِ اسحاق سندن مهماني ڪئي ۽ هنن کاڌو پيتو.
30 تڏهن هن سندن مهماني ڪئي ۽ هنن کاڌو پيتو،
پر هن گھڻو زور ڪين ۽ نيٺ هو ساڻس گڏجي انهيءَ جي گھر آيا. هن انهن مهمانن لاءِ بيخميري ماني تيار ڪئي ۽ انهن کاڌي.
پوءِ ٻار وڏو ٿيو ۽ جنهن ڏينهن ٿڃ ڇڏايائونس، تنهن ڏينهن ابراهيم هڪڙي وڏي دعوت ڪئي.
صبح جو سوير اُٿي هنن هڪٻئي سان قسم کنيو. پوءِ اسحاق کين موڪل ڏني ۽ هو صحيح سلامت وٽانئس روانا ٿيا.
پوءِ يعقوب انهيءَ جبل تي قرباني ڪئي ۽ پنهنجي مائٽن کي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. ماني کائڻ کان پوءِ انهن رات اتي ئي گذاري.
پوءِ موسيٰ جي سهري يٿرو، خدا جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ ڪجھہ ٻيون قربانيون ڪيون. هارون ۽ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ موسيٰ جي سهري سان گڏ اها قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ خدا جي حضور ۾ آيا.
جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهين پنهنجي وس آهر سڀني ماڻهن سان صلح ۾ رهو.
سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.
بنا ڪُرڪڻ جي هڪٻئي جي مهماننوازي ڪريو.