Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 26:18 - Muslim Sindhi Bible

18 هن وري اهي کوهہ کوٽايا جيڪي سندس پيءُ ابراهيم جي ڏينهن ۾ کوٽيا ويا هئا ۽ جيڪي فلستين ابراهيم جي مرڻ کان پوءِ بند ڪري ڇڏيا هئا. اسحاق انهن کوهن تي ساڳيا ئي نالا رکيا جيڪي پڻس رکيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ پاڻيءَ جا کوهہ، جيڪي هنن سندس پيءُ ابرهام جي ڏينهن ۾ کوٽيا هئا، سي اسحاق وري کوٽايا؛ ڇالاءِ جو فلستين، ابرهام جي مرڻ کان پوءِ اُهي بند ڪري ڇڏيا هئا. ۽ انهن تي اهي ئي نالا بہ رکيائين، جيڪي پڻس رکيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 26:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابراهيم ابيملڪ کي پاڻيءَ جي هڪڙي کوهہ لاءِ ڏوراپو ڏنو جنهن تي هن جي نوڪرن زبردستيءَ قبضو ڪيو هو.


ابراهيم جواب ڏنس تہ ”هي ست گھيٽيون قبول ڪر. جيڪڏهن تون اهي وٺندين تہ اها انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ٿيندي تہ اهو کوهہ مون کوٽيو آهي.“


اهو ئي سبب هو جو ان جاءِ جو نالو بيرسبع پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ اتي هنن ٻنهي قسم کنيو هو.


سو اسحاق اتان نڪتو ۽ جرار جي برساتي نهر وٽ پهچي اتي پنهنجا تنبو کوڙي رهي پيو.


اسحاق جي نوڪرن انهيءَ برساتي نهر ۾ کوٽائي پئي ڪئي تہ کين اتان هڪ وهندڙ پاڻيءَ جو چشمو مليو.


هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.


جيڪي غير معبودن ڏانهن ڊوڙن ٿا تن جا ڏک وڌندا ويندا. آءٌ انهن معبودن جي لاءِ رت وهائڻ جون قربانيون ڪين ڪندس، نہ ئي آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن انهن جا نالا وٺندس.


جيئن تہ آءٌ سندس ذهن مان بعل ديوتائن جا نالا ڪڍي ڇڏيندس، تنهنڪري هوءَ وري ڪڏهن بہ انهن جو نالو ڪين وٺندي.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بتن جو نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس ۽ اڳتي انهن کي ڪوبہ ياد نہ ڪندو. آءٌ نبي سڏائيندڙن کي بہ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ ماڻهن جي دلين مان ناپاڪ خواهشن کي ختم ڪري ڇڏيندس.


نبو ۽ بعل‌معون ۽ سبماہ. جيڪي شهر وري ٺاهيائون تن جا هنن نوان نالا رکيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ