14 هو گھڻين ئي رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن ۽ نوڪرن جو مالڪ ٿي ويو، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا.
14 ۽ وٽس ڌڻ، ۽ ڍور، ۽ گهڻيئي نوڪر هئا، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا.
انهيءَ عورت جي ڪري بادشاهہ ابرام سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ توڙي غلام ۽ ٻانهيون ڏنائين.
ابرام وٽ چوپايو مال، سون ۽ چاندي گھڻو هو.
خداوند منهنجي مالڪ کي وڏي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي. خداوند کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، سون چاندي، ٻانها ٻانهيون، اٺ ۽ گڏهہ عطا ڪيا آهن.
ابراهيم وٽ جيڪي هو سو سڀ اسحاق کي ڏيئي ڇڏيائين.
اهڙيءَ طرح هو وڌندو ويو ۽ گھڻن ئي ڌڻن، ٻانهين، ٻانهن، اٺن ۽ گڏهن جو مالڪ بڻيو.
سو سندس ڀائر تہ ساڙ ۾ سڙي ويا پر پڻس اها ڳالهہ پنهنجيءَ دل ۾ رکي ڇڏي.
هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.
خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.
خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.
پوءِ جڏهن بڇڙا ماڻهو اهو ڏسندا تہ ساڙ کائيندي ۽ ڏند ڪرٽيندي ڪمزوريءَ ۾ وڌندا ويندا. هائو، سندن سڀ تمنائون نابود ٿي وينديون.
سندن گھراڻن ۾ دولت ۽ خوشحالي هوندي. بيشڪ مٿن ابد تائين سندس سخاوت قائم رهندي.
گھڻي محنت سان دولتمند ٿي نہ ٿو سگھجي، خداوند جي برڪت ئي دولتمند بڻائي ٿي.
ڪاوڙ ۽ غصي وارو ماڻهو خطرناڪ ٿو ٿئي، مگر جيڪو غيرت سان ڀريل آهي، تنهن آڏو ڪير ٿو بيهي سگھي؟
تنهن کان پوءِ مون محنت ۽ هنرمنديءَ جي ڪم بابت غور ڪيو ۽ ڏٺم تہ اهو سڀ ڪجھہ انسان هڪٻئي سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ ٿا ڪن. پر انهيءَ مان اصل مقصد جو پتو نہ ٿو پوي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
انهيءَ ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي حسد جي نگاهہ سان ڏسڻ لڳو.