3 يقشان مان شبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ددان جي اولاد مان اشوري، لطوسي ۽ لومي قومون بڻيون.
3 ۽ يقسان مان سبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ۽ ددان جا پٽ اسوري، لطوسي ۽ لومي هئا.
انهيءَ کي ابراهيم مان زمران، يقشان، مدان، مديان، اسباق ۽ سوخ ڄاوا.
مديان جا پٽ عيفاہ، عِفر، حنُوڪ، ابيداع ۽ الداعاہ هئا. اهي سڀ قطوراہ جو اولاد هئا.
اتي جِلعاد، آشر، يزرعيل، افرائيم ۽ بنيامين جي علائقن بلڪ بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جي باقي علائقن جي مٿان کيس بادشاهہ بڻايائين.
جڏهن شبا ملڪ جي راڻيءَ سليمان کي خداوند جي طرفان مليل ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي تڏهن هوءَ ڏکين سوالن سان هن جي آزمائش وٺڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي.
تيما کان ايندڙ قافلا پاڻي تلاش ڪندا رهن ٿا، ۽ شبا کان ايندڙ ٽوليون انهيءَ لاءِ واجھائينديون رهن ٿيون.
ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.
هي پيغام عرب جي خيابان بابت آهي. ڏسو، دداني پناهگيرن جو قافلو عرب جي خيابان ۾ تنبو هنيو ويٺو آهي.
اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي. هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا. شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا، جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا. جڏهن اهي سڀ ايندا تہ خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا.
ددان، تيما ۽ بُوز شهر ۾ توڙي ٻين هنڌن تي رهڻ وارا اهي ماڻهو جيڪي لوندڙيون ڪوڙائي ٻُچي ڏاڙهي رکن ٿا،
اي ددان شهر جا رهاڪؤ! موٽو، ڀڄي وڃي غارن ۾ لڪو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان عيسوءَ جي اولاد کي ناس ڪرڻ وارو آهيان، هائو، اوهان کي سزا ڏيڻ جو وقت اچي پهتو آهي.
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا ادومين کي بہ سزا ڏيندس ۽ انهن جي ملڪ ۾ رهندڙ هر انسان توڙي حيوان کي ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ تيمان شهر کان وٺي ددان شهر تائين انهيءَ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ ماڻهن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس.
روڊس جي ٻيٽ جا ماڻهو بہ تنهنجا واپاري هئا. ان کان علاوہ سامونڊي ڪناري واريون گھڻيون قومون تنهنجي شين جي بدلي ۾ آبنوس جو ڪاٺ ۽ عاج تو وٽ آڻينديون هيون.
ددان شهر جا ماڻهو گھوڙي جي پٺيءَ تي رکڻ وارا گدا آڻي تنهنجي بازارن ۾ واپار ڪندا هئا.
تنهنجا ونجھہ هنن بسن علائقي جي شاهہبلوط وڻ جي ڪاٺ مان جوڙايا هئا، ۽ هنن قبرص ٻيٽ مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي تنهنجا اندريان مٿيان تختا ٺاهيا هئا جن تي عاج جڙايو هئائون.