Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 24:7 - Muslim Sindhi Bible

7 خداوند عرش عظيم جي خدا مون کي منهنجي پيءُ جي گھر ۽ اباڻي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. انهيءَ قسم کڻي مون سان عهد ٻڌو آهي تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس.‘ اهو ئي پنهنجي ملائڪ کي موڪليندو تہ جيئن تون اتان منهنجي پٽ جي لاءِ ڪنوار وٺي اچي سگھين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 خداوند آسمان جو خدا، جنهن مون کي منهنجي پيءُ جي گهر مان ۽ منهنجي وطن مان ڪڍي آندو، ۽ مون سان ڪلام ڪيو، ۽ مون سان قسم کڻي مون کي چيو تہ آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس؛ سو ئي پنهنجي فرشتي کي تنهنجي اڳيان موڪليندو، تہ تون اُتان منهنجي پٽ جي لاءِ زال وٺي اچين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 24:7
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو سو سمورو آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ اهو هميشہ لاءِ اوهان جي ملڪيت هوندو.


انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


خداوند پنهنجي ملائڪ جي وسيلي هاجرہ کي شور جي رستي تي رڻ‌پٽ ۾ پاڻيءَ جي هڪ چشمي وٽ گڏيو.


آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


تڏهن خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ سندس ملائڪ آسمان مان هاجرہ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ”اي هاجرہ! تو کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.


تڏهن خداوند ملائڪ جي وسيلي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ”ابراهيم! اي ابراهيم!“ هن وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.


هن جواب ڏنو تہ ’جنهن خداوند جي حڪم تي آءٌ هلان ٿو سو پنهنجي ملائڪ کي تو وٽ موڪليندو ۽ تنهنجو پنڌ سجايو ڪندو. تون منهنجي مائٽن ۽ منهنجي پيءُ جي ڪٽنب مان منهنجي پٽ جي زال آڻ.


جتي انهيءَ ئي رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ ابراهيم جو خدا آهيان، تون بلڪل نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان. آءٌ پنهنجي ٻانهي ابراهيم سان ٻڌل عهد جي ڪري، تو کي برڪت عطا ڪندس ۽ تنهنجو نسل گھڻو وڌائيندس.“


”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان.


اي خداوند جا سگھارا فرشتؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو. هائو، اوهين جيڪي سندس هر حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ هميشہ تيار رهو ٿا.


اوهين عرش عظيم واري خدا جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


تو خداوند مون کي فرمايو تہ ”آءٌ تنهنجي رهنمائي ڪندس، ۽ تو کي هلڻ جو رستو ڏيکاريندس. آءٌ تو کي صلاح ڏيندو رهندس، منهنجي نظر تنهنجي مٿان ئي رهندي.


جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن کي سندس ملائڪ هر خطري کان دور ٿو رکي. هو انهن جي چوڌاري پهرو ڏيئي سندن حفاظت ٿو ڪري.


تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين.


جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جنهن ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آهي، جڏهن خداوند اوهان کي انهيءَ ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ پهچائي تڏهن اوهين ساڳئي ئي مهيني ۾ اها رسم ادا ڪندا رهجو.


تون پنهنجي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر، جن کي تو پنهنجيءَ ذات جو قسم کڻي فرمايو هو تہ ’آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس ۽ هيءُ سڄو ملڪ جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهيءَ جا وارث ٿيندا.‘“


آءٌ اوهان جي اڳيان هڪڙو ملائڪ رهنمائيءَ لاءِ موڪليندس. آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي لوڌي ڪڍندس،


بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو. هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو، ۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين. گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


يونس کين وراڻيو تہ ”آءٌ عبراني آهيان ۽ خداوند عرش عظيم جي خدا جي بندگي ڪندو آهيان، جنهن سمنڊ ۽ زمين پيدا ڪئي آهي.“


ڇا هي سڀ ماڻهو منهنجي پيٽ ۾ پيل هئا ۽ مون کين ڄڻيو آهي؟ تون مون کي ائين ڇو ٿو چوين تہ جيئن ڪا دائي کيرپياڪ ٻار کي کڻندي آهي تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟


’خداوند پنهنجي قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائي نہ سگھيو، جنهن جي ڏيڻ جو ساڻن واعدو ڪيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ئي ماري ڇڏيائين.‘


تن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ڪوبہ انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندو، جنهن بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اُتي رهائيندس.


’جيئن تہ هنن پوري دل سان منهنجي تابعداري نہ ڪئي آهي، تنهنڪري جيڪي مصر مان نڪري آيا آهن تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هوندي، سو اهو ملڪ نہ ڏسندو جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


خدا ابراهيم کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو.


ياد رکو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. انهيءَ بابت مون خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندس. سو اوهين وڃي انهيءَ ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.‘“


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هي اهو ئي ملڪ آهي جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو سندن اولاد کي ڏيندس. اهو مون تو کي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون پار ٽپي اوڏانهن ڪين ويندين.“


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.


مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون ئي هنن ماڻهن کي اهو ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ وٺي ويندين جنهن جي ڏيڻ بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


پوءِ مون اوهان جي ابي ابراهيم کي فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر کان ڪڍي آندو ۽ ڪنعان جي سڄي زمين ۾ مون هن جي رهنمائي ڪئي. مون سندس اولاد وڌائي. مون کيس اسحاق ڏنو


انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.


خداوند جو ملائڪ جِلجال مان بوڪيم ۾ آيو ۽ خداوند انهيءَ ملائڪ جي وسيلي بني اسرائيل کي چيو تہ ”مون اوهان کي مصر مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آندو آهي، جنهن جي ڏيڻ جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. مون چيو هو تہ ’اوهان سان ٻڌل پنهنجو عهد ڪڏهن بہ نہ ٽوڙيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ