Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 24:60 - Muslim Sindhi Bible

60 انهن ربقہ کي دعا ڪندي چيو تہ ”اسان جي ڀيڻ! شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿئين. شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن جي شهرن تي حڪمراني ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

60 ۽ ربقہ کي دعا ڪري چيائون تہ اسان جي ڀيڻ، شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿين، شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمن جي دروازي تي قبضو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 24:60
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

کين برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو ۽ ڌرتيءَ کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو، مڇين تي، پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪمراني ڪريو.


هن ابرام کي دعا ڪندي چيو تہ ”خدا تعاليٰ جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي، تنهن جي تو تي برڪت هجي.


آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“


سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.


پوءِ ربقہ ۽ سندس نوڪرياڻيون، ابراهيم جي نوڪر سان گڏ وڃڻ لاءِ اُٿي اٺن تي چڙهيون ۽ اهو نوڪر ربقہ کي وٺي روانو ٿيو.


شل قادرِمطلق خدا تو کي برڪت ڏئي، تو کي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي تہ جيئن اوهين گھڻن قبيلن واري قوم ٿي پئو!


يعقوب پنهنجي واٽ وٺيو پئي ويو تہ رستي ۾ کيس خدا جا ملائڪ گڏيا.


سو هن انهيءَ ڏينهن کين هي چوندي خير جي دعا ڏني تہ ”بني اسرائيل ٻين لاءِ خير جي دعا گھرڻ مهل هيئن چوندا تہ ’شل خدا تو کي افرائيم ۽ منسيءَ جهڙو ڪري!‘“ سو هن افرائيم کي منسيءَ تي اوليت ڏني.


خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي.


اوهين شاديون ڪريو ۽ پٽ ۽ ڌيئر ڄڻيو. اڳتي هلي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جون شاديون ڪرايو تہ جيئن انهن کي بہ پٽ ۽ ڌيئر ڄمن. اهڙيءَ طرح اوهين تعداد ۾ وڌندا وڃو ۽ گھٽجو نہ.


سندس حضور مان تجلو باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو. هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو، خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا. تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.


اوهين ڀلي انهن کي پنهنجي لاءِ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي ٻارن لاءِ ميراث ڪري ڇڏجو، جيئن اهي انهن جي ملڪيت ٿين. اوهين انهن کي هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگھندا، پر پنهنجي قوم بني اسرائيل مان اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو.


تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ کيس پڪڙي ٻاهر شهر جي دروازي تي، انهيءَ شهر جي اڳواڻن وٽ وٺي اچن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ