6 ابراهيم ورندي ڏنس تہ ”خبردار، متان منهنجي پٽ کي اوڏانهن وٺي ويو آهين.
6 تنهن تي ابرهام چيس تہ خبردار، متان منهنجي پٽ کي موٽائي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃين.
نوڪر پڇيس تہ ”جيڪڏهن اها مون سان گڏ هن ملڪ ۾ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي تہ پوءِ؟ ڇا آءٌ اوهان جي پٽ کي پاڻ سان انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جتان اوهين نڪري آيا آهيو؟“
جيڪڏهن اها تو سان گڏ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي تہ پوءِ تون هن قسم کان آجو آهين. پر منهنجي پٽ کي اوڏانهن ڪنهن بہ صورت ۾ نہ وٺي وڃجانءِ.“
مسيح اسان کي آزاد رهڻ لاءِ ئي آزاد ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين انهيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.
سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي ايمان رکي پاڻ کي بچائين ٿا.
ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.