Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 24:53 - Muslim Sindhi Bible

53 پوءِ هن چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا. هن ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي سوکڙيون ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 پوءِ هن نوڪر چانديءَ ۽ سون جا زيور، ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا: ۽ سندس ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي شيون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 24:53
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انهيءَ نوڪر جيڪو ابراهيم جي سڄي ملڪيت جو سنڀاليندڙ هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اٺ سامان سان لڏيا ۽ ارام جي علائقي ۾ انهيءَ شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن ۾ ابراهيم جو ڀاءُ نحور رهندو هو.


جڏهن اٺن پاڻي پي بس ڪئي تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هڪڙي سوني نٿ، جنهن جي تور اٽڪل پنج گرام هئي سا ڪڍي ۽ ٻہ سونا ڪنگڻ جن جي تور اٽڪل سؤ سؤ گرام هئي، انهيءَ جي ٻانهن لاءِ ڪڍيا.


سندن پيءُ کين چاندي، سون ۽ ٻين قيمتي شين جي گھڻين ئي سوغاتن سان گڏ يهوداہ ملڪ ۾ قلعن وارا شهر بہ ڏنا هئا. پر بادشاهت هن يهورام کي ڏني، ڇاڪاڻ تہ هو سندس پهريتو پٽ هو.


انهن جي سڀني پاڙيسرين چاندي ۽ سون جي شين ۽ ٻين قيمتي شين، سيڌي سامان، ضروري استعمال جي شين ۽ جانورن سان سندن مدد ڪئي. انهن شين کان علاوہ کين خداوند جي گھر لاءِ نذرانا بہ ڏنائون.


سو هاڻي تون وڃي پنهنجي ماڻهن کي چئُہ تہ هر ڪو مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان ۽ هر ڪا عورت پنهنجي پاڙيسرڻ کان چانديءَ ۽ سون جا زيور گھري وٺي.“


بني اسرائيل جي ماڻهن موسيٰ جي چوڻ موجب مصرين کان سون ۽ چانديءَ جا زيور ۽ ڪپڙا گھري ورتا هئا.


پر اوهان جي هر ڪا عورت پنهنجي پاڙي واريءَ کان ۽ گھر ۾ رهندڙ مهمان عورت کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گھري وٺندي. اهي اوهين پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي پارائيندا. اهڙيءَ طرح اوهين مصرين کي لُٽي ڇڏيندا.“


تنهنجا ڳل تنهنجي نٿ جي لَڙهين سان ۽ تنهنجي ڳچي هيرن جواهرن سان ڪيڏي نہ سهڻي ٿي لڳي!


تون ڏاڙهن جو باغ آهين، هڪ اهڙو باغ جيڪو عمدن ميون سان ڀريل هجي، جنهن ۾ ميندي، سنبل،


حزقياہ انهن ايلچين جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هنن کي پنهنجي قيمتي شين جا سڀ گدام ڏيکاريائين، جن ۾ چاندي، سون، مصالحا ۽ قيمتي عطر موجود هئا. هن کين پنهنجا اسلحہ خانا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريو. مطلب تہ شاهي محل توڙي سڄيءَ بادشاهت ۾ ڪابہ اهڙي شيءِ ڪانہ رهي جيڪا هنن کي ڏيکاري نہ ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ