4 پر منهنجي ملڪ ۾ منهنجي مائٽن مان منهنجي پٽ اسحاق جي لاءِ ڪنوار آڻيندين.“
4 پر تون منهنجي ملڪ ۾ منهنجن عزيزن ۾ وڃي، اُتان منهنجي پٽ اسحاق جي لاءِ زال وٺي اچ.
پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو هڪ سؤ اوڻيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
خداوند ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو ملڪ، پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجي پيءُ جو گھر ڇڏ ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.
اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربانگاهہ ٺاهي.
پر تون منهنجي پيءُ جي ڪٽنب ۽ منهنجي مٽن مائٽن وٽ وڃجانءِ ۽ منهنجي پٽ لاءِ زال وٺي اچجانءِ.‘
نوڪر پڇيس تہ ”جيڪڏهن اها مون سان گڏ هن ملڪ ۾ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي تہ پوءِ؟ ڇا آءٌ اوهان جي پٽ کي پاڻ سان انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جتان اوهين نڪري آيا آهيو؟“
سو اسحاق يعقوب کي گھرايو. کيس دعا ڪيائين ۽ تاڪيد ڪندي چيائينس تہ ”تون ڪنهن بہ ڪنعاني ڇوڪريءَ سان شادي نہ ڪجانءِ.
بلڪ هڪدم فدانارام ۾ پنهنجي ناني بيتوايل جي گھر وڃ. اُتي پنهنجي مامي لابن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان شادي ڪجانءِ.
يهويدع کيس ٻہ زالون پرڻايون، جن مان کيس پٽ ۽ ڌيئر ڄايون.
ائين چوندي جيڪڏهن هنن جو انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃڻ جو خيال هجي ها، جنهن مان نڪري آيا هئا تہ هو اوڏانهن موٽي وڃي ٿي سگھيا.
تڏهن سندس ماءُ پيءُ کيس چيو تہ ”تنهنجي مائٽن ۾ يا پنهنجي سڄيءَ قوم ۾ ڪا عورت ڪانهي ڇا، جو تون اڻطهريل فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟“ پر سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”مون کي اها وٺي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اها مون کي پسند آهي.“