Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 24:31 - Muslim Sindhi Bible

31 لابن کيس چيو تہ ”اي خداوند جا ڀلارا انسان! اچ، اندر اچ، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ مون تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي اٺن جي لاءِ بہ جاءِ تيار ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ هن کي چيائين تہ اي خداوند جا مبارڪ؛ اندر هل، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ مون گهر، ۽ اُٺن جي واسطي جاءِ، تيار ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 24:31
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن وراڻيس تہ ”خداوند تو کي برڪت ڏئي. تو هيءَ پوئين مهرباني پنهنجي سس تي ڪيل مهربانيءَ کان بہ وڌيڪ ڏيکاري آهي. اُها هيءَ تہ تون ڪنهن نوجوان، پوءِ اهو امير هجي يا غريب، تنهن جي پٺيان نہ ويئي آهين.


تہ تون اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائيندين، جيئن اسان تو کي هٿ بہ نہ لاتو هو. اسان تو سان نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين ڪيو هو ۽ تو کي صحيح سلامت روانو ڪيو هو. هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ تون خداوند جو ڀلارو انسان آهين.“


شال زمين ۽ آسمان جو خالق اوهان کي برڪتون ئي برڪتون عطا ڪندو رهي!“


هن پنهنجيءَ ماءُ کي چيو تہ ”تنهنجا يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا جيڪي چوري ٿي ويا هئا ۽ انهن بابت تو کي پٽ پاراتو ڪندي ٻڌو هئم، سي مون وٽ آهن. اُهي مون ئي کنيا هئا.“ تڏهن ماڻس چيس تہ ”منهنجا پٽ! شل خداوند تو کي برڪت ڏئي.“


تحفو پيش ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ٿو، هائو، انهيءَ سان وڏن ماڻهن وٽ رسائي آسان ٿيو پوي.


ڪن ماڻهن جي خيال ۾ رشوت جادوءَ جهڙو ڪمال ٿي ڏيکاري، ۽ اها سندن لاءِ هر هنڌ ڪاميابيءَ جو باعث آهي.


۽ چيائين تہ ”سائين، جيڪڏهن مهربانيءَ جي نظر ڪئي اٿوَ تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليا نہ وڃجو. جيئن تہ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو سو مون کي خدمت ڪرڻ ڏيو.


کين چيائين تہ ”سائين! آءٌ اوهان جي خدمت لاءِ حاضر آهيان. مهرباني ڪري منهنجي گھر هلو. اتي هلي هٿ منهن ڌوئو ۽ رات رهو، صبح جو سوير اُٿي ڀلي پنهنجي دڳ سان وڃجو.“ پر هنن جواب ڏنس تہ ”نہ، اسين سڄي رات هتي شهر جي پڌر ۾ گذارينداسين.“


پر هن گھڻو زور ڪين ۽ نيٺ هو ساڻس گڏجي انهيءَ جي گھر آيا. هن انهن مهمانن لاءِ بي‌خميري ماني تيار ڪئي ۽ انهن کاڌي.


لابن جڏهن پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ نٿ ۽ سندس هٿن ۾ ڪنگڻ ڏٺا ۽ جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ سندس ڀيڻ کي چيو هو سو کانئس ٻڌائين، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ ڊوڙي ويو جيڪو کوهہ تي اٺن جي ڀرسان بيٺو هو.


جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي تہ ساڻس ملڻ لاءِ ڊوڙندو آيو. کيس ڀاڪر پائي چميائين ۽ پنهنجي گھر وٺي آيس. جڏهن يعقوب لابن کي سڄو احوال ٻڌايو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ