Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 24:3 - Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ خداوند، جو آسمان ۽ زمين جو خدا آهي، تنهن جو آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان، تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو، تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 24:3
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ابرام کي دعا ڪندي چيو تہ ”خدا تعاليٰ جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي، تنهن جي تو تي برڪت هجي.


ابرام جواب ڏنس تہ ”آءٌ زمين ۽ آسمان جي خالق خداوند خدا تعاليٰ جو قسم ٿو کڻان تہ


سو هاڻي هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون سان، منهنجي ٻارن يا منهنجي پوين سان دغا نہ ڪندين. جهڙيءَ طرح آءٌ تو سان وفادار رهيو آهيان، تهڙيءَ طرح تون بہ مون سان ۽ هن ملڪ سان، جنهن ۾ تون پرديسي ٿي رهيو پيو آهين، وفادار رهندين.“


خداوند عرش عظيم جي خدا مون کي منهنجي پيءُ جي گھر ۽ اباڻي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. انهيءَ قسم کڻي مون سان عهد ٻڌو آهي تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس.‘ اهو ئي پنهنجي ملائڪ کي موڪليندو تہ جيئن تون اتان منهنجي پٽ جي لاءِ ڪنوار وٺي اچي سگھين.


ربقہ اسحاق کي چيو تہ ”آءٌ عيسوءَ جي ڌارين زالن يعني حِتي قوم جي عورتن جي ڪري پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان. جيڪڏهن يعقوب بہ هن علائقي مان حِتي قوم جي ههڙين ڇوڪرين منجھان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي تہ پوءِ منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوندو.“


سو اسحاق يعقوب کي گھرايو. کيس دعا ڪيائين ۽ تاڪيد ڪندي چيائينس تہ ”تون ڪنهن بہ ڪنعاني ڇوڪريءَ سان شادي نہ ڪجانءِ.


تڏهن عيسوءَ سهي ڪري ورتو تہ ڪنعان جون ڇوڪريون منهنجي پيءُ اسحاق کي نہ ٿيون وڻن.


اسين پاڻ ۾ سيڻ سڄڻ ٿيون ۽ پنهنجيون ڌيئر هڪٻئي کي ڏيون وٺون.


اتي هن سوع نالي هڪڙي ڪنعانيءَ جي ڌيءَ ڏٺي. يهوداہ انهيءَ سان شادي ڪئي.


يعقوب چيس تہ ”مون سان قسم کڻ،“ تڏهن يوسف ساڻس قسم کنيو. پوءِ يعقوب پنهنجي کٽ جي سيرانديءَ تي مٿو جھڪائي سجدو ڪيو.


پوءِ يوسف انهن کي قسم کڻائي چيو تہ ”اوهين مون سان واعدو ڪريو تہ جڏهن خدا اوهان کي ان ملڪ ڏانهن وٺي وڃي تڏهن اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي ويندءُ.“


تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي.


تن ڏينهن ۾ ۽ پوءِ بہ، زمين تي راڪاس هئا، جيڪي آسماني مخلوق ۽ انهن عورتن جو اولاد هئا. اهي ئي پراڻي زماني جا نالي وارا پهلوان هئا.


۽ خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي چيائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.


خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن زمين ۽ آسمان کي بڻايو ۽ جنهن دائود بادشاهہ کي سمجھہ ۽ عقل وارو هڪ پٽ عطا ڪيو، جيڪو خداوند جي لاءِ هڪ گھر ۽ پنهنجي لاءِ هڪ محل تعمير ڪرائي ٿو.


تنهن تي هنن جيڪا اسان کي ورندي ڏني سا هيءَ آهي تہ ’اسين زمين ۽ آسمان جي خدا جا ٻانها آهيون ۽ انهيءَ ئي گھر جي وري تعمير ٿا ڪريون جيڪو اڄ کان گھڻا ئي سال اڳ بني اسرائيل جي هڪڙي وڏي بادشاهہ تعمير ڪرايو هو.


تڏهن مون انهن کي ڇينڀيو ۽ مٿن ڦٽ‌لعنت ڪيم. مون انهن مان ڪن ماڻهن کي مار بہ ڏني ۽ سندن وار بہ پٽيا. مون کانئن خدا جو قسم کڻائي واعدو ورتو تہ ”آئيندہ اسين پنهنجيون ڌيئرون ڌارين جي پٽن کي پرڻائي نہ ڏينداسون ۽ نہ وري اسين هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي پرڻي لاءِ وٺنداسون.


رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي.


شال زمين ۽ آسمان جو خالق اوهان کي برڪتون ئي برڪتون عطا ڪندو رهي!“


اوهين عرش عظيم واري خدا جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


تہ انهن جي وچ ۾ مون خداوند کي شاهد بڻائي قسم سان فيصلو ڪيو وڃي، تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي. مالڪ اهو قسم قبول ڪندو ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو.


جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو. غير معبودن جي پوڄا نہ ڪريو بلڪ انهن جي نالي جو ذڪر بہ نہ ڪريو.“


متان اوهان انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن سان پرڻايو ۽ اهي ڇوڪريون پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ اوهان جي پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳائي بدڪار بڻائين.


مون پنهنجي ذات جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي، جيڪو بلڪل سچو ۽ ڪڏهن بہ تبديل نہ ٿيندڙ آهي تہ هر ڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ قسم کڻي اقرار ڪندو تہ هو منهنجو ئي آهي.


اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.


پوءِ سندن ملڪ ۾ جيڪو بہ پنهنجي لاءِ برڪت گھرندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان گھرندو. هائو، اتي جيڪو بہ قسم کڻندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان کڻندو. اڳيون مصيبتون آءٌ ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان کان اهي وسري وينديون.“


(اوهين انهن کي ٻڌايو تہ اهي معبود، جن زمين ۽ آسمان پيدا نہ ڪيو آهي سي روءِ‌زمين تان ناس ٿي ويندا).


جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.


اوهين شاديون ڪريو ۽ پٽ ۽ ڌيئر ڄڻيو. اڳتي هلي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جون شاديون ڪرايو تہ جيئن انهن کي بہ پٽ ۽ ڌيئر ڄمن. اهڙيءَ طرح اوهين تعداد ۾ وڌندا وڃو ۽ گھٽجو نہ.


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


اوهين منهنجو نالو وٺي ڪوڙو قسم نہ کڻجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي گھرن جي ڇتين تي آسماني ستارن ۽ سيارن کي سجدا ٿا ڪن، ۽ انهن کي بہ جيڪي مون خداوند کي سجدو تہ ڪن ٿا، ۽ منهنجي تابعداريءَ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هو مولڪ ديوتا جو بہ قسم کڻن ٿا.


تہ پوءِ شل خداوند تو کي اوٽي‌نپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي ۽ تنهنجي پنهنجيءَ قوم جا ماڻهو تو تي لعنت ۽ ڦٽڪار وجھن.


جيستائين مڙس جيئرو آهي تيستائين زال سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس مڙس مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو هجي.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، رڳو سندس ئي عبادت ڪريو، ساڻس ئي چُهٽيل رهو ۽ سندس ئي نالي جو قسم کڻو.


بلڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، انهيءَ جي ئي عبادت ڪجو ۽ انهيءَ جي ئي نالي جو قسم کڻجو.


ڏسو، قسم کڻڻ وقت ماڻهو پاڻ کان ڪنهن وڏي جو ئي قسم کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي تڪرار ۾ هر بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري ثابتي قسم سان ئي ڪندا آهن.


سو هاڻي مهرباني ڪري انهيءَ خداوند جو مون سان قسم کڻو تہ جهڙو مهربانيءَ وارو سلوڪ مون اوهان سان ڪيو آهي تهڙو ئي سلوڪ اوهين بہ منهنجي اباڻي گھر سان ڪندا. تنهن لاءِ مون کي ڪا اعتبار جوڳي نشاني ڏيو،


تڏهن سندس ماءُ پيءُ کيس چيو تہ ”تنهنجي مائٽن ۾ يا پنهنجي سڄيءَ قوم ۾ ڪا عورت ڪانهي ڇا، جو تون اڻ‌طهريل فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟“ پر سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”مون کي اها وٺي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اها مون کي پسند آهي.“


يونتن دائود کان انهيءَ محبت منجھان جيڪا هن سان هئس وري بہ قسم کڻايو، ڇاڪاڻ تہ يونتن ساڻس پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو.


تڏهن دائود چيس تہ ”تون مون کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”خدا جو قسم کڻي واعدو ڪر، تہ تون مون کي نہ قتل ڪندين ۽ نہ مون کي منهنجي مالڪ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ تو کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ