پوءِ مون جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ خداوند، پنهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا جي تعريف ڪيم جيڪو مون کي سڌي رستي سان وٺي آيو، جو مون پنهنجي مالڪ جي پٽ جي لاءِ سندس ڀائٽي هٿ ڪئي.
تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’هيءَ خداوند واسطي فصح جي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مصر ۾ مصرين کي ماريندي وقت اسان بني اسرائيل جي گھرن وٽان لنگھي ويو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين.‘“ تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن زمين تي جھڪي خداوند آڏو سجدو ڪيو.
پوءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن لاوين کي حڪم ڏنو تہ ”دائود بادشاهہ ۽ آسف غيبدان جا چيل خدا جي تعريف جا گيت ڳايا وڃن.“ سو سڀني ماڻهن خوشيءَ سان واکاڻ جا گيت ڳايا ۽ پنهنجا سر جھڪائي سجدو ڪيائون.