Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 24:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن اٺن پاڻي پي بس ڪئي تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هڪڙي سوني نٿ، جنهن جي تور اٽڪل پنج گرام هئي سا ڪڍي ۽ ٻہ سونا ڪنگڻ جن جي تور اٽڪل سؤ سؤ گرام هئي، انهيءَ جي ٻانهن لاءِ ڪڍيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُٺن پاڻي پي بس ڪئي، تڏهن هن ماڻهوءَ هڪڙي اڌ سڪي تور جي سوني نٿ، ۽ ڏهن سڪن تور جا ٻہ سونا ڪنگڻ هن جي هٿ لاءِ ڪڍيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 24:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انهيءَ نوڪر جيڪو ابراهيم جي سڄي ملڪيت جو سنڀاليندڙ هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اٺ سامان سان لڏيا ۽ ارام جي علائقي ۾ انهيءَ شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن ۾ ابراهيم جو ڀاءُ نحور رهندو هو.


پوءِ پڇيائينس تہ ”مهرباني ڪري ٻڌاءِ تہ تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟ تنهنجي پيءُ جي گھر ۾ اسان جي رهڻ لاءِ ڪا جاءِ آهي؟“


لابن جڏهن پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ نٿ ۽ سندس هٿن ۾ ڪنگڻ ڏٺا ۽ جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ سندس ڀيڻ کي چيو هو سو کانئس ٻڌائين، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ ڊوڙي ويو جيڪو کوهہ تي اٺن جي ڀرسان بيٺو هو.


مون کانئس پڇيو تہ ’تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟‘ هن جواب ڏنو تہ ’منهنجو پيءُ بيتوايل آهي، جنهن جي ماءُ مِلڪاہ ۽ پيءُ نحور آهي.‘ تڏهن مون سندس نڪ ۾ نٿ ۽ ٻانهن ۾ ڪنگڻ پارايا.


پوءِ هن چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا. هن ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي سوکڙيون ڏنيون.


روزن رکڻ جي ٽئين ڏينهن تي راڻي آستر پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري، شاهي محل جي اندرئين حصي ۾ تخت واري ايوان جي سامهون اچي بيٺي. شهنشاهہ پنهنجي محل جي ايوان واري دروازي ڏانهن منهن ڪيو پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


يقيناً چاندي کاڻ مان کوٽي ڪڍي وڃي ٿي، ۽ سون لاءِ بہ ڪا جاءِ آهي جتي ان کي صاف ڪيو وڃي ٿو.


ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بي‌شمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


سو مون عنتوت شهر واري اها ٻني پنهنجي سؤٽ کان چانديءَ جي سترهن سڪن ۾ خريد ڪئي.


اوهان جو سينگار وار ڳُتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدا ڪپڙا پهرڻ وارو ظاهري سينگار نہ هئڻ گھرجي.


مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ واري طبيعت اختيار ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ