Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 24:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! منهنجي مالڪ ابراهيم جا خدا! اڄ مون کي سوڀ ڏي ۽ منهنجي مالڪ تي پنهنجي عهد موجب مهرباني ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جا خدا، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اڄ تون منهنجي مراد پوري ڪر، ۽ منهنجي مالڪ ابرهام تي مهرباني ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 24:12
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


اهو ماڻهو کيس چتائي ڏسندو رهيو تہ ”ڏسان تہ خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي يا نہ.“


پوءِ چيائين تہ ”خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا کي ساراهہ جڳائي، جنهن منهنجي مالڪ تان پنهنجي لافاني شفقت ۽ وفا ڪين هٽائي آهي. خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي مائٽن ۾ وٺي آيو آهي.“


اڄ جڏهن آءٌ کوهہ تي آيس تہ دعا گھريم تہ ’اي خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جا خدا! منهنجو پنڌ سجايو ڪر.


پوءِ مون جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ خداوند، پنهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا جي تعريف ڪيم جيڪو مون کي سڌي رستي سان وٺي آيو، جو مون پنهنجي مالڪ جي پٽ جي لاءِ سندس ڀائٽي هٿ ڪئي.


جتي انهيءَ ئي رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ ابراهيم جو خدا آهيان، تون بلڪل نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان. آءٌ پنهنجي ٻانهي ابراهيم سان ٻڌل عهد جي ڪري، تو کي برڪت عطا ڪندس ۽ تنهنجو نسل گھڻو وڌائيندس.“


پوءِ تون اهو وٽس کڻي وڃ تہ هو کائي ۽ مرڻ کان اڳ ۾ تو کي دعا ڏئي.“


اسحاق يعقوب کان پڇيو تہ ”پٽ! اهو تو کي ايترو جلدي ڪيئن هٿ آيو؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن منهنجي مدد ڪئي.“


پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، ابراهيم جو خدا جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، مون سان نہ هجي ها تہ توهين مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪريو ها. خدا منهنجو ڏک ۽ منهنجي هٿن جي محنت ڏسي ڪالهہ رات توهان کي ڇينڀيو آهي.“


تو جيڪا هيڏي ساري وفا ۽ شفقت پنهنجي ٻانهي تي ڪئي آهي، آءٌ تہ انهيءَ جي ذري جو بہ لائق نہ آهيان، ڇو تہ جڏهن آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ويو هئس تہ مون وٽ رڳو منهنجي لٺ هئي، پر هاڻ تہ مون وٽ ٻہ ٽولا ٿي ويا آهن.


پوءِ يعقوب دعا گھرندي چيو تہ ”اي منهنجي پيءُ ابراهيم جا خدا ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا! اي خداوند! تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ آءٌ تو کي وڌائيندس.


شال قادرِمطلق خدا انهيءَ کي اوهان تي مهربان ڪري، تہ جيئن هو بنيامين ۽ اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي اوهان سان گڏ ڇڏي ڏئي. باقي جيڪڏهن آءٌ بي‌اولادي ٿيان تہ ٿيان.“


شام جو قرباني پيش ڪرڻ وقت الياس نبي قربان‌گاهہ جي ويجھو اچي دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! اي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جا خدا! اڄوڪي ڏينهن اهو ثابت ڪر تہ تون ئي بني اسرائيل جو خدا آهين ۽ اهو بہ تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان. مون هي جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو سڀ تنهنجي حڪم سان ڪيو اٿم.


تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ”خداوند، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو.


تنهنڪري تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ٻڌ ۽ پنهنجي انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن بہ ڪن ڏي، جيڪي تنهنجي نالي جي تعظيم ڪري خوش ٿيندا آهن. مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪامياب ڪر ۽ بادشاهہ جي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم وجھہ.“ تن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهہ جو ساقي هئس.


تنهن تي بادشاهہ مون کي چيو تہ ”تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ تڏهن مون عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري


اي خداوند! اسين عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي تون ائين بچائيندو رهج. اي خداوند! تون اسان کي سوڀ عطا ڪندو رهج.“


يروشلم جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هيءَ دعا گھرو تہ ”اي يروشلم! جيڪي تو سان پيار ٿا ڪن سي شل خوشحال هجن.


جيڪڏهن خداوند ئي گھر اَڏائڻ نہ چاهي، تہ پوءِ اُهي جيڪي گھر جوڙين ٿا تن جي محنت اجائي آهي. جيڪڏهن خداوند شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ پوءِ چوڪيدار جو جاڳڻ بہ بلڪل اجايو آهي.


اوهين پنهنجيون سڀ واٽون خداوند جي حوالي ڪريو. اوهين مٿس توڪل رکو تہ هو پاڻيهي اوهان جون گھرجون پوريون ڪندو.


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.


وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


پنهنجي هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهين خداوند کي ياد رکو. اهو ئي اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريندو.


هو فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو خدا نہ، بلڪ جيئرن جو خدا آهي.“


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ