7 تڏهن ابراهيم اُٿي اتان جي ماڻهن جو ٿورو مڃيو.
7 تڏهن ابرهام اٿي انهن ماڻهن، يعني حت جي پٽن اڳيان ڪنڌ نمايو.
ڪنعان کي پهريون پٽ صيدا ڄائو ۽ پوءِ حِت.
اتي هن مٿي نهاري ڏٺو تہ ٽي ماڻهو بيٺل نظر آيس. انهن کي ڏسي اتان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو. پوءِ جھڪي کين سجدو ڪيائين
جڏهن اهي ٻئي ملائڪ شام جو سدوم ۾ آيا تہ لوط شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. جيئن ئي انهن تي نظر پيس تہ اُٿي کين گڏجڻ ويو. انهن جي اڳيان زمين تي پيشاني رکي کين تعظيم ڏنائين.
ابراهيم هڪ دفعو وري انهن ماڻهن جو ٿورو مڃيو.
”سائين! اسان جي ڳالهہ ٻڌو. اسين اوهان کي هڪ وڏو سردار سمجھندا آهيون. اسان جي قبرستان ۾ جيڪا بہ جاءِ اوهان کي وڻي اتي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو. اسان مان ڪوبہ اوهان کي انهيءَ جاءِ کان منع نہ ڪندو.“
کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي آهي تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو هتي دفن ڪريان تہ مهرباني ڪري صُحر جي پٽ عِفرون کي چئو تہ
تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن تان پري ڪيو ۽ پاڻ سندس اڳيان زمين تائين جھڪيو.
گھڻا دوست اهڙا هوندا آهن، جيڪي برباديءَ جو سبب ٿا بڻجن، پر ڪو اهڙو دوست بہ هوندو آهي، جيڪو ڀائرن کان بہ وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.
سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.
مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ واري طبيعت اختيار ڪريو.