18 اها ملڪيت حِتي قوم جي روبرو ابراهيم کي پڪيءَ طرح قبضي ۾ ملي.
18 حت جي پٽن ۽ جيڪي هن جي شهر جي دروازي جي اندر آيا ٿي، تن جي روبرو ابرهام کي پڪيءَ طرح قبضي ۾ ملي.
ڪنعان کي پهريون پٽ صيدا ڄائو ۽ پوءِ حِت.
صُحر جو پٽ عِفرون اتي پنهنجي ماڻهن سان شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. هن انهن سڀني جي روبرو جواب ڏنو تہ
پوءِ ابراهيم پنهنجيءَ زال سارہ کي مڪفيلاہ واري ٻنيءَ جي غار ۾ دفن ڪيو. اها غار ڪنعان ملڪ جي ممري شهر جي اوڀر ۾ حبرون جي ڀرسان آهي.
سندس پٽن اسحاق ۽ اسماعيل کيس مڪفيلاہ جي غار ۾ دفن ڪيو جيڪا ممريءَ جي اوڀر ۾ صُحرحِتيءَ جي پٽ عِفرون جي ٻنيءَ ۾ آهي.
پوءِ حمور ۽ سندس پٽ سڪم پنهنجي شهر جي دروازي وٽ آيا ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن کي سمجھائڻ لڳا تہ
سو جيڪي بہ ماڻهو سندن شهر جا هئا تن سڀني حمور ۽ سندس پٽ سڪم جي ڳالهہ قبول ڪئي ۽ سڀني پنهنجو طهر ڪرايو.
پوءِ مون پنهنجي سؤٽ حنمايل، دستاويز ۾ ڄاڻايل شاهدن ۽ اڱڻ واري ڪمري ۾ ويٺل ٻين يهوداہ وارن جي روبرو خريداريءَ واري دستاويز جون ٻئي ڪاپيون باروڪ ولد نيرياہ ولد محسياہ کي ڏيئي ڇڏيون.
انهيءَ کان پوءِ بوعز شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ وڃي ويٺو. جڏهن نعوميہ جي مڙس اِليملڪ جو وڌيڪ ويجھو مائٽ، جنهن جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اتان اچي لنگھيو تہ بوعز کيس سڏي چيو تہ ”اي فلاڻا! هيڏانهن اچ ۽ هتي اچي ويهہ.“ سو هو اچي وٽس ويٺو.