Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 22:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ابراهيم جواب ڏنو تہ ”خدا پاڻيهي ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ گھيٽو موجود ڪري ڏيندو.“ سو ٻيئي گڏجي هلندا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن ابرهام چيو تہ منهنجا پٽ، خدا پاڻيهي سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو موجود ڪندو. سو هو ٻئي گڏجي هلندا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 22:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون خداوند جي لاءِ ڪا ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ جيئن مون چيو تيئن آءٌ وري مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“


ابراهيم انهيءَ جاءِ جو نالو رکيو، ”خداوند موجود ڪري ڏئي ٿو.“ سو اڄ ڏينهن تائين اهو چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ”خداوند پنهنجي جبل تي موجود ڪري ڏئي ٿو.“


تڏهن اسحاق پيءُ کي چيو تہ ”اي بابا!“ هن جواب ڏنس تہ ”جيءُ پٽ.“ اسحاق پڇيس تہ ”ٽانڊا ۽ ڪاٺيون تہ اوهان وٽ آهن پر ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ گھيٽو ڪٿي آهي؟“


جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس، تڏهن ابراهيم اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ ان جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکيائين. ان بعد پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي قربان‌گاهہ تي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.


پوءِ الياس کيس چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند اردن درياءَ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ پوءِ هو ٻيئي اڳتي هليا.


تڏهن امصياہ انهيءَ نبيءَ کي چيو تہ ”پر اها چاندي، جيڪا مون اسرائيل جي انهن لشڪر وارن کي ڏني آهي تنهن جو ڇا ٿيندو؟“ خدا جي ٻانهي وراڻيس تہ ”خداوند تو کي انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ ڏيئي سگھي ٿو.“


عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


تہ هن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تڏهن عيسيٰ ڏانهن نهاري چيائين تہ ”ڏسو، اهو اٿوَ خدا جو گھيٽڙو.“


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ ”گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي، سو ئي قدرت، دولت، حڪمت، طاقت، عزت، عظمت ۽ واکاڻ جي لائق آهي.“


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون خدا جا ست روح آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليا ويا آهن.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ